ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ 27 مريض فوت ٿي ويا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 27 مريض فوت ۽ هڪ هزار 980 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا، اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 37 هزار 499 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا وگهي فوتين جوانگ 22 هزار 582 ٿي ويو، ملڪ ۾ مثبت ڪيسز جي شرح 4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ مجموعي ڪيسز جو تعداد 9 لک 73 هزار 284 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جي خطري سبب حڪومت اپيل ڪئي آهي ته ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو