ڪورونا سبب 98 مريض فوت، 3316 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 98 مريض فوت ٿي ويا ۽ 3316 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اين سي او سي موجب ان عرصي ۾ 52 هزار 314 ٽيسٽ ڪيا ويا. ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 6 سيڪڙو رهي، ڪراچي ۾ اها شرح 9 سيڪڙو آهي. ملڪ ۾ هن وقت تائين فوتين جو انگ 26 هزار 330 ٿي ويو آهي جڏهن ته ٽوٽل مريضن جو تعداد11 لک 86 هزار 234 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو