ڪورونا سبب 66 مريض فوت 4950 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 950 مريض سامهون آيا، مثبت ڪيسز جي شرح8.4  سيڪڙو رهي، جڏهن ته 66 مريض فوت ٿي ويا، اين سي او سي موجب ڪورونا وبا سبب فوتين جو تعداد 23 هزار 360 ٿي ويو آهي ۽ مجموعي ڪيسز 10 لک 29 هزار 811 تائين پهچي ويا، هن کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 1321 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 9 لک 40 هزار 161 ٿي ويو ۽ فعال ڪيسز جو تعداد 66287 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو