ڪورونا سبب 55 فوت 3هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ڪوروناوائرس سبب  55 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 3هزار 200 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ جي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 44هزار 627 ڪوروناجا  ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3هزار262 ماڻهن جي ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جڏهن ته 55 وڌيڪ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويا.سرڪاري رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناڪيسن جي مثبت شرح 7.3 سيڪڙو رهي.سرڪاري پورٽل مطابق پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 8هزار260 ٿي ويو آهي ۽ ڪل  ڪيسن جو تعداد 4لک10هزار072 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 51هزار507  آهي.ان کان علاوه 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 3هزار354 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن.سرڪاري رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک 79هزار240 تائين پهچي چڪو  آهي جڏهن ته 2هزار983 ماڻهو ڪورونا سبب  هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 19هزار 474 آهي ۽ 3هزار115 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ڪورونا  مريضن جو ڪل تعداد 17هزار333 ۽ 169  مريض ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا ڪيسن جو  48 هزار 264 ٿي چڪو آهي ۽ 1هزار389 ڪورونا جا مريض فوت ٿي چڪا آهن .جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 7هزار155 ماڻهو ڪورونا  وائرس کان متاثر ٿيا آهن ۽ 174 فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جو تعداد  4هزار692آهي  ۽ 98 ڪورونا مريض فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 31هزار 639 آهي ۽ هن وقت تائين 332 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو