ڪورونا سبب پاڪستان ۾ 2 فوت، متاثرن جوانگ 300 ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ پهريون موت گلگت م وقع ٿيو آهي جتي انتظاميا موجب ديا مير سان تعلق رکندڙ 90 سالن جو مريض فوت ٿي ويو آهي. گلگت جي وڏي وزير جي ترجمان ڪجهه دير بعد ان جي ترديد ڪئي. ليڪن ٿوري دير بعد خيبر پختونخواهه جي صحت واري وزير مردان جي هڪ 50 سالن جي شهري جي ڪورونا سبب وفات جي تصديق ڪئي. ڪجهه دير بعد هن ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور ۾ هنگو جي 36 ساله نوجوان جي ڪورونا سبب وفات جي به تصديق ڪئي.

گلگت بلتستان ۾ 10 نوان وائرس متاثرن جا ڪيس به سامهون آيا آهن جنهن بعد گلگت ۾ متاثرن جو انگ 13 ۽ سڄي ملڪ ۾ وائرس متاثرن جو تعداد  300 کان مٿي ٿي ويو آهي. سعيد غني موجب سنڌ ۾ 208، مريضن جي تصديق ٿي آهي، جن مان 37 ڪراچي هڪ حيدرآباد ۾ آهن ۽ 37 ڪيس اهڙا آهن سنڌ ۾ جن کي مقامي طور وائرس جڪڙيو آهي، اڪثريت متاثر سکر ۾ آهن. پنجاب جي صحت جي وزير ياسمين راشن موجب صوبي ۾ 28، خيبرپختونخواهه ۾ 19، بلوچستان ۾ 16 ۽ اسلام آباد م 7 ڪيس سامهون آيا آهن. هي سڀ اهي ماڻهو آهن جيڪي ايران زيارتن تي ويل هئا يا وري پرڏيهه مان وائرس کڻي هتي پهتا. گلگت جي سيڪريٽري صحت راشد احمد ان جي تصديق ڪئي آهي. ان کان اڳ گلگت جي وڏي وزير حفيظ الرحمان 10 نوان ڪيس سامهون اچڻ جي تصديق ڪئي هئي. گلگت جي وڏي وزير چيو هو ته بلوچستان انتظاميا جي غفلت جي ڪري گلگت م ڪيس وڌيا آهن ڇو ته هنن گن پوائنٽ تي جلد بازي ۾ کين تفتان بارڊر تان روانو ڪيو آهي. گلگت حڪومت 21 مارچ کان مارڪيٽ بند رکڻ، مقامي سياحن تي فور ي پابندي لڳائڻ ۽ غير ملڪي سياحن کي ڪورونا وائرس نه هئڻ جي تصديق بعد اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته ڪورونا متاثرن کي هڪ هوٽل ۾ رکيو ويندو ۽ ان مقصد لاءِ 30 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته سنڌ ۾ اربع تي 17 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب موجب ايران کان 290 زائرين سکر پهتا جن جي ٽيسٽ ڪئي وئي ته 143 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. جڏهن ته 147 ماڻهن جي ٽيسٽ منفي آئي آهي جن کي جلد گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ متاثرن جو انگ 38 آهي ۽ صوبي ڀر ۾ هن وقت تائين ڪورونا متاثرن جو انگ 181 ٿي ويو آهي. سنڌ حڪومت اڳ ۾ ئي هوٽلن، بازارن، شاپنگ مالز، پارڪس، شادي هالن، اجتماعن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي ۽ سنڌ جي هر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر اهڙا حڪم جاري ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو