ڪورونا سبب طورخم سرحد اڻ ڄاتل مدي تائين بند

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار اڱاري کان طورخم سرحد بند ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب اڄ کان افغانستان مان ٽرانسپورٽ توڙي ماڻهن جي اچ وڃ بند رهندي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد موجب پاڪ-افغان سرحد کي اين سي اوسي جي هدايت تي بند ڪيو ويو آهي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي ايندڙ حڪم تائين سرحد بند رهندي، ڪورونا صورتحال ۽ دھشتگردي جي صورتحال سبب قدم کنيا پيا وڃن. ياد رهي ته سنڌ حڪومت افغانستان ۾ گهرو جنگ سبب پناهگيرن جي اچڻ سبب طورخم ۽ چمن بارڊر بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو هو ته پناهگيرن کي ڪئپمن ۾ رهايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو