ڪورونا جي نالن لاءِ يوناني اکرن جي استعمال جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري ڪورونا جي قسمن جا نالا رکڻ لاءِ يوناني اکرن جي استعمال جو اعلان ڪري ڇڏيو، هاڻي ڪورونا جي برطانوي قسم کي الفا، ڏکڻ افريڪي قسم کي بيٽا، برازيلي قسم کي گاما ۽ ڀارتي قسم کي ڊيلٽا سڏيو ويندو، ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي قسمن جا يوناني نالا رکڻ سان ڪورونا بابت عام ڳالهه ٻولهه ۾ سولائي ٿيندي، نالا رکڻ جو مقصد وائرس سان لاڳاپيل ملڪن جي باري ۾ ناڪاري تاثر کي رد ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو