ڪورونا جي شدت ۾ تيزي مثبت ڪيسن جي شرح 8.5

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا وبا سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40  ڪورونا مريض فوت ٿي ويا ۽ ملڪ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 8هزار025 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 33 هزار 302  ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ ڪورونا وائرس ٽيسٽن جو انگ 55 لک 8  هزار 810 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 839 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي .اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 3 لک 98 هزار 24 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ هڪ لک 73 هزار 14، پنجاب ۾ هڪ لک 19 هزار 35، بلوچستان ۾ 17 هزار 158، خيبرپختونخواهه ۾ 47 هزار 190، اسلام آباد ۾ 30 هزار 123، آزاد ڪشمير ۾ 6 هزار 855 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 649 ڄڻن ۾  ڪورونا جا ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا آهن.اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1هزار 613 ڪورونا مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.جنهن کان پوءِ هن وبا جي خلاف  جاري جنگ کٽيندڙ ماڻهن جو انگ 3 لک 41 هزار 423 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا  سبب وڌيڪ 40 فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ هينئر تائين ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويل مريضن جو انگ 8هزار025 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ وڌي 48 هزار 576 ٿي ويو آهي جنهن مان 2 هزار 46 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو