ڪورنگي اسپتال ۾ جنسي حراسگي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم

ڪراچي(استاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪورنگي 5 واري سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر فرخ شير خان خلاف جنسي حراسگي وارن الزامن جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 15 ڏينهن ۾ رپورٽ سيڪريٽري صحت کي پيش ڪئي وڃي. ڊاڪٽراعجاز خانزادو جيڪو او ايس ڊي آهي، ڪاميٽي جو سربراهه هوندو. جڏهن ته صحت کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري محمد ابراهيم ميمڻ ۽ سيڪشن آفيسر افتخار عالم بابلاڻي ان جا ميمبر هوندا. جنسي حراسگي بابت اي آر واءِ چينل تي خبر نشر ٿيڻ بعد ڪورنگي جي سرڪاري اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ جي موڪليل شڪايت تي هي جاچ ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي. ان باري ۾ سيڪريٽري صحت پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.  ياد رهي ته ڪورنگي جي هن اسپتال ۾ اڳ ۾ به ابراهيم حيدري سان تعلق رڪندڙسنڌي نياڻي جيڪا ڏاٺ جي سور جي دوا وٺڻ آئي هئي تنهن کي نشو ڏئي ساڻس زيادتي ڪئي وئي ۽ بعد ۾ زهر جي سئي هڻي کيس قتل ڪيو ويو هو. واقعي ۾ سنڌي ڊاڪٽرن جي ملوث هجڻ جو الزام هو.

پهنجو تبصرو موڪليو