ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي افسوس آهي؛ وزيراعظم

پتراجايا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي افسوس ٿيو آهي. وزيراعظم ملائيشين وزيراعظم مهاتير محمد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملائيشيا جي دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعلقات کي بهتر بڻائڻ آهي اسان جي عوام وچ ۾ گهرا تعلقات آهن جڏهن ته سرمائيڪاري ۽ واپار جو مستقبل به شاندار آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي افسوس ٿيو آهي ۽ اهو غلط تاثر ڏنو ويو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ سان مسلمان تقسيم ٿي ويندا پاڪستان جي ڪجهه دوستن کي لڳو ته اها ڪانفرنس مسلمانن کي تقسيم ڪندي جيڪا انهن جي غلط فهمي هئي. عمران خان چيو ته ڪشمير متعلق ملائيشين وزير اعظم جي موقف جو شڪرگذار آهيان ۽ ان معاملي تي ڀارت ملائيشيا جو تيل به بند ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان سي پيڪ ذريعي چيني مارڪيٽ سان ڳنڍجي ويو آهي مقبوضه ڪشمير جي صورتحال انتهائي سنگين آهي سياسي اڳواڻن ۽ نوجوانن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. پريس ڪانفرنس دوران ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد چيو ته مسلمانن ۾ يڪجهتي جي فروغ لاءِ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا پاڪستاني وزيراعظم سان باهمي تعاون متعلق جامع مذاڪرات تي ڳالهيون ٿيون ۽ هر سطح تي رابطن جي فروغ تي اتفاق ڪيو آهي. مهاتير محمد وڌيڪ ٻڌايو ته تعلقاتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي واپاري رڪاوٽون هٽائڻ لاءِ گڏيل واپار کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. سياحت، تعليم، دفاع ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ به تعاون وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو