ڪوئٽا بم ڌماڪو، پوليس نشانو، 4 اهلڪار شهيد، 9 زخمي

ڪوئٽا(م ڊ) ڪوئٽا جي سيٽ لائٽ ٽائون ۾ مني مارڪيٽ وٽ بيٺل پوليس موبائل لڳ بم ڌماڪو ٿيو آهي. ڊي آءِ جي ڪوئٽا عبدالرزاق چيما موجب موٽر سائيڪل ۾ ڌماڪيدار مواد لڳايو ويو هو جيڪو ڦاٽڻ سبب 4 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿيا آهن. هن موجب 7 شهري به زخمي ٿيا آهن. زخمين کي سول اسپتال آندوويو آهي جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. زخمين مان ڪجهه جي حالت نازڪ آهي ۽ مري ويلن جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. سيڪورٽي اهلڪارن حادثي واري جاءِ کي گهيري ۾ آڻي ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪيا آهن. جڏهن ته شهر ۾ چيڪنگ پڻ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو