ڪنڊيارو ۾ ٻيلي کاتي جو آپريشن، بيٺل فصل ڀيلائي بور پٽي ڇڏيا

ڪنڊيارو(ن س) سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي تعلقه ڪنڊيارو ۾ ٻيلي کاتي جي هزارين ايڪڙ زمين تان ڪيل قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ ٻيلي کاتي پاران اعلانيل آپريشن شروع. پهرين مرحلي ۾ ڊي ايف او خيرپور ميرس ضياد الله لغاري رينجرز جي ڪرنل شبير احمد ڊي ايس پي ڪمال ديرو پيربخش چانڊيو آر ايف او عبدالرسول کوکر ۽ دوست محمد دستي جي قيادت ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس رينجرز ٻيلي کاتي جي ملازمن محبت ديرو پڪو ۾ آپريشن ڪري ٻيلن جي زمين ۾ پوکيل ڪيلن جا باغ ڪمند جو فصل ٽريڪٽرن بلڊوزرن جي مدد سان ڀيلائي ٽيوب ويل بور پٽي اوطاقون ڊاهي ٻيلن جي زمين تان ڪيل قبضه ختم ڪرائي زمين آجي ڪرائي. ڊي ايف او ضياد الله لغاري صحافين کي ٻڌايو ته اڄ کان ڪنڊيارو تعلقه ۾ ٻيلن جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو مسلسل هڪ مهيني تائين جاري رهندو. هن چيو ته ڪنهن سان به ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، ڀلي ڪير ڪيترو به بااثر ڇونه هجي يا ڪير ڪنهن به پارٽي سان تعلق رکندو هجي، قانون سڀني لاءُ هڪ جهڙو هوندو. ٻيلن جي زمين جو قبضو انهن کي هر حال ۾ ڇڏڻو پوندو. هن چيو ته اسان ڪچي جي سموري علائقي ۾ پڙهو ڏياري قبضا مافيا توڙي ليز هولڊرن کي چتاءَ ڏنو آهي ته اهي ڪنهن به امڪاني ڪاروائي کان بچڻ لاءِ ٻيلن جي زمين مان پنهجا بور ٽيوب ويل ٻيو مٽيريل کڻي هليا وڃن نه ته قانون کي سندن خلاف حرڪت ۾ آڻي ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو