ڪنڊيارو ۽ نوشهرو ۾ پيش آيل ڌار ڌار حادثن ۾ 3 ٻار فوت

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪنڊيارو ۾ ٻه ڀائر واهه ۾ وهنجدي ٻڏي فوت ٿي ويا جڏهن ته هوڏانهن نوشهري فيروز ۾ مٽي ڍوئيندڙ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ نيننگر فوت ٿي ويو آهي. ڪنڊيارو مان اسد جعفري موجب سهڙا مائينر ۾ شادي هال ڀرسان وهنجندي ٻه ڀائر ٻڏي ويا هڪ جو لاش هٿ ڪيو ويو. ٻڏي ويل ڀائرن ۾ 15 ورهين جو عامر حطار ۽ 10ورهين جو زين العابدين شامل آهن. رهواسين پنهنجي مدد پاڻ ٻڏي ويل هڪ ڄڻي عامر حطار جو لاش هٿ ڪري ورتو ٻئي نينگر جي لاش جي ڳولا جاري آهي. هٿ آيل نينگر جي لاش کي وارثن موٽرسائيڪل تي اسپتال پهچايو. ***نوشھرو فيروز مان منظور ملڪ موجب ڦل شھر جي سمان محلي ۾ مٽي کڻي ايندڙ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ 10 سالن جو نينگر شرجيل سمون ولد محمد اسلم سمون ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿ ويو. سندس وارثن کي اطلاع ملندي ئي گھر ۾ قھرام مچي ويو سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا ٻئي پاسي ڦل پوليس پھچي ڊرائيور غلام سرور ڦل کي سوگهو ڪري ورتو ۽ ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ وٺي ڇڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو