ڪنٽرول لائن تي فائرنگ ۾ 2 جوان شهيد، 3 ڀارتي فوجي قتل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪنٽرول لائن تي مسلسل ڀارتي خلاف ورزيون جاري آهن ۽ گذريل 36 ڪلاڪن ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ ديوا سيڪٽر ۾ 2 پاڪستاني جوان شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو آهي ته پاڪستاني فوج جي جوابي ڪاروائي ۾ حاجي پير سيڪٽر وٽان ڀارتي فوجي چوڪي تباهه ٿي وئي ۽ صوبيدار سميت 3 فوجي مارجي ويا ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيا آهن. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن ٻڌايو آهي ته شهيد ٿيل پاڪستاني جوانن ۾ نائب صوبيدار ڪانڊيرو جو تعلق پنو عاقل سان ۽ احسن جو تعلق جهلم سان آهي.

هوڏانهن جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري ڪنٽرول لائن تي بلاجواز ڀارتي فائرنگ جي مذمت ڪئي آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو