ڪلڀوشن جي آزادي ۽ سزا ختم ڪرڻ جو ڀارتي موقف رد، پاڪستان رسائي ڏي، عدالت

هيگ(م ڊ) انصاف جي عالمي عدالت ڀارتي دهشتگرد ڪلڀوشن ياديو کي آزاد ڪرڻ، سزا ختم ڪرڻ ۽ انڊيا حوالگي بابت ڀارتي استدعا رد ڪري ڇڏي آهي. فوجي عدالت جي سزا ختم ڪرڻ جي درخواست به رد ڪئي وئي. عالمي عدالت چيو آهي ته ڪلڀوشن پاڪستان جي تحويل ۾ ئي رهندو. ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جج عبدالقوي احمد پڙهيو. عدالت چيو ته پاڪستان ان فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ پاڪستان ڀارت کي ڪلڀوشن تائين رسائي نه ڏئي ويانا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ڀارت کي رسائي ڏني وڃي.

فيصلو ٻڌڻ لاءِ پاڪستاني ٽيم اٽارني جنرل انور منصور جي قيادت ۾ نيدرلينڊ جي امن عدالت ۾ موجود هئي. هوڏانهن پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فيصلي جو خيرمقدم ڪندي ان کي پاڪستان جي فتح قرار ڏنو ۽ چيو ته هو عدالتي حڪم ۽ عالمي قانون تي عمل ڪندي ضروري ڪاروائي ڪئي ويندي. صحافين ۽ قانوني ماهرن عالمي عدالت جي فيصلي کي متوازن ۽ ٻنهي ملڪن لاءِ ون ون وارو فيصلو قرار ڏنو آهي. ياد رهي ته  ڀارت نيوي ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو جي بريت لاءِ انصاف جي عالمي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، ڪيس جي آخري ٻڌڻي 18 کان 21 فيبروري تائين ٿي، جنهن بعد 21 فيبروري تي ئي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو، واضح رهي ته ڪلڀوشن کي 3 مارچ 2016ع تي بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ جاسوسي جو مئجسٽريٽ آڏو اعتراف به ڪيو هو. ڪلڀوشن کي فوجي عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي. ڀارت جي درخواست عالمي عدالت موت جي سزا تي عمل روڪي ڇڏيو هو. 1945 ۾ قومن جي تڪرارن جي نبيري لاءِ ٺاهيل علامي عدالت جو فيصلو مڃڻ لاءِ ڌريون پابند آهن پر عالمي عدالت فيصلي تي پاڻ عمل نٿي ڪرائي سگهي. ڀارت جو موقف آهي ته ڪلڀوشن سند جاسوس ناهي پر کيس ايران مان اغو ڪيو ويو هو. پاڪستان ڪلڀوشن جي ماءُ ۽ زال سان ڊسمبي 2017 ۾ ملاقات ڪرائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو