ڪلوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٻن عورتن سميت 3 زخمي

ڪشمور (جي ايم کوسو) ڪلوڙ محله ۾ ڪلوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ عورتن جي ڳالهه تان جھيڙو لٺين ۽ چاقن جا وارڪري ھڪ ئي گھرجي 2عورتن سميت 3ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ 65سالن جو مريد حسين ڪلوڙ سندن زال الله رکي ڪلوڙ ۽ ڌي شگفته ڪلوڙ  شامل آهن. جن کي تعلقه اسپتال ڪشمور ۾ داخل ڪيو ويو، زخمي پير سن مريد حسين ڪلوڙ سنڌ يار سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ملان ڪلوڙ .عبدالفھيم ڪلوڙ خادم ڪلوڙ ۽ ٻين رات جو 2وڳي ڌاري حملو ڪيو. اسان پنھنجي گھر ۾ ستل ھياسين ته مٿين جوابدار ھٿيارن جي زور تي گھر ۾ گھڙي منھنجي گھرواري ۽ منھنجي نياڻي جي وارن کان وٺي مٿن تشدد ڪرڻ شروع ڪيو مزاحمت تي منھنجي مٿان ڪڙڪي پيا ۽ منھنجي اکين وات ۽ ويھڻ واري جاء تي مرچ وجھي ۽ سخت تشدد ڪري فرار ٿي ويا. ڪشمور پوليس اطلاع جي باوجود ڪو نه پھتي صبح جو ٿاڻي تي پھچي اين سي داخل ڪرائي پر پوليس گرفتاري نه ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو