ڪشمير مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿي گذريو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مقبوضه ڪمشير جي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ لائن آف ڪنٽرول تي خلاف ورزي جي حوالي سان اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿي گذريو. اهو اجلاس پاڪستان جي درخواست تي سڏايو ويو. وزير خارجه شاهه محمود قريشي گذريل سال ڊسمبر ۾ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي خط لکي ڪشمير جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو هو. ذريعن مطابق ڪشمير جي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ ۾ چين اهم ڪردار ادا ڪيو. اجلاس ۾ اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل مقبوضه ڪشمير جي صورتحال تي هڪ ڀيرو ٻيهر غور ڪيو ان دوران امن آپريشن ۽ سياسي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ کان پوءِ ڪائونسل جي ميمبرن وچ ۾ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺي ٿي جنهن ۾ ڪونسل جي سڀني 15 ميمبرن بحث ۾ حصو ورتو. ڪائونسل کان پوءِ اقوام متحده ۾ چين جي مستقل نمائندي زينگ جن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير جي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ مقبوضه ڪشمير جي زميني صورتحال تي به خيالن جو اظهار ڪيو ويو.هن چيو ته ڪشمير هميشهه کان اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ شامل آهي چين جو ڪشمير جي معاملي تي موقف بلڪل واضح آهي. اقوام متحده ۾ روس جي نمائندي پوليانسڪي چيو ته روس پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تعلقات معمول تي آڻڻ جو خواهشمند آهي. ياد رهي ته گذريل 6 مهينن دوران ٻيو ڀيرو اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. ان کان اڳ گذريل سال آگسٽ ۾ تقريبن 50 سالن بعد مقبوضه ڪشمير جي سنگين صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرايو ويو هو. واضح رهي ته مقبوضه ڪشمير ۾ مودي سرڪار آگسٽ 2019 ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري اڳوڻي وزيراعليٰ ۽ سرينگر جي ميئر سميت مقامي سياسي قيادت کي گرفتار ڪيو هو ۽ بين الاقوامي ميڊيا مطابق ڀارتي فورسز طرفان گرفتارڪيل ماڻهن کي تشدد جو نشانو به بڻايو ويو. پاڪستان طرفان ڀارت جي اهڙي عمل تي ڏک جو اظهار ڪندي نريندر مودي کان ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو