ڪشمور پوليس ۾ 47 ڪروڙ جي مبينه ڪرپشن، 13 جوابدار جيل حوالي

لاڙڪاڻو(ن س) لاڙڪاڻي جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ڪشمور جي پوليس کاتي ۾ 47 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ 13 جوابدارن جي ڪچي ضمانت رد ڪندي کين جيل اماڻي ڇڏيو. اربع تي لاڙڪاڻي جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ پوليس، بئنڪ ۽ ٽريزري جا عملدار پيش ٿيا. عدالت 13 جوابدارن جي ڪچي ضمانت رد ڪندي کين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. پوليس جوابدارن کي جيل منتقل ڪري ڇڏيو. جيل موڪليل جوابدارن ۾ بئنڪ ملازم صدر الدين، ڪريم بخش، ممتاز علي، محراب خان، الله ڏنو، ٽريزري ملازم غلام مصطفي لاشاري، عبدالعزيز، پوليس عملدار علي گل چنو، گلاب الدين چنو، امداد چانڊيو، محمد لياقت، سليم احمد ۽ عبدالستار بهلڪاڻي شامل آهن. هن ڪيس ۾ پوليس اڪائونٽنٽ بشير احمد ٻرڙو روپوش آهي، جيڪو پرڏيهه فرار ٿي ويو آهي. جوابدارن تي جعلي آءِ ڊيز ٺاهڻ، پگهارن ۾ هيراڦيري ۽ جعلي چيڪ پاس ڪرائي 47 ڪروڙ رُپين جي خرد برد جو الزام آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو