ڪشمور واقعو ۽ بھادر اي ايس آئي

تحرير زبير احمد

پوري پاڪستان ۾ روزانو جي بنياد تي جنسي زيادتي جا ڪيس سامھون اچن پيا ڪڏهن ڪٿي ظالمن ھٿان نياڻيون زيادتي جو نشان ٿي رھيون آھن ته ڪٿي زيادتي بعد قتل جون وارداتون ٿيون ٿين معاشري ۾ وڌندڙ اھڙا واقعا ڪڏهن ختم ٿيندا ڇا ڪشمور جي بھادر اي ايس آئي محمد بخش برڑو وانگر ظالمن سان ڪوئي مھاڏو اٽڪائيندو اھو ھڪ سواليه نشان آهي.اچو ته اي ايس آئي محمد بخش برڑو جي زندگي تي روشني وجھون محمد بخش برڑو سنڌ پوليس ۾ بطور سپاهي ڀرٿي ٿيو ھيو جيڪو پنهنجي ڏيوٽي ايمانداري سان ڪندي اي ايس آئي جي عھدي تي پھتو اي ايس آئي محمد بخش برڑو ڪرائي جي گھر ۾ رھندو آھي ۽ ان جا ٻارڙا پڻ پنهنجي حيثيت مطابق اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندا آهن محمد بخش برڑو غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ آهي ھي غريب ۽ نفيس طبيعت جو مالڪ آهي ان ڪڏهن اھو ڪون سوچو ھيو ته ڪڏهن آءُ ان مقام تي پھچندس رب ڪريم ۽ حالتن ساٿ ڏنو ۽ اڄ محمد بخش ان مقام تي پھتو آھي جتي پھچڻ ۾ مان سمجهان ٿو سالن جا سال لڳي ويندا آهن اڄ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ھڪ عورت محمد بخش وٽ آئي ۽ چيائين ته منهنجي ٻارڙي ظالمن جي قبضي ۾ آهي منهنجي مدد ڪيو ھن وراڻيو ته مان ھڪ اوهان جي ڪھڙي مدد ڪري سگھان ٿو عورت چيو ته منهنجي ٻارڙي کي ظالمن اغوا ڪيو آهي ٻارڙي جي بدلي اغوا ڪارن نوجوان ڇوڪري جي ڊمانڊ ڪئي آهي اگر آءُ ڪا نوجوان ڇوڪري انھن وٽ ڪون وٺي ويس ته هو منھنجي ننڍڙي کي قتل ڪري ڇڏيندا ٿوري دير لاءِ محمد بخش پريشان ٿي ويو ۽ بعد ۾ ان عورت کي پنهنجي گھر وٺي آيو ۽ سڄو قصو پنهنجي فيملي کي ٻڌايائين ڪجهه وقت گذرڻ بعد محمد بخش ۽ ان جي فيملي اھو فيصلو ڪيو ته ان عورت جي معصوم ٻارڙي کي بچائڻ لاءِ پنهنجي نياڻي قربان ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ان فيصلي تي سمورا گھر ڀاتي متفق ٿي ويا ۽ پنھنجي نياڻي ان عورت جي حوالي ڪري ڇڏي محمد بخش سوچيو ته ان مشڪل ڪم ۾ منھنجو ڪو به ساٿ ڪون ڏيندو ان لاءِ ان پاڻ پنهنجي فيملي سان ھڪ مشن تيار ڪيو ۽ پنھنجي بھادر نياڻي کي ان عورت سان موڪلي ڇڏيو ھي وقت دردناڪ وقت ھيو پنهنجي نياڻي درندن جي حوالي ڪرڻ جگر ٿو کپي وڏو ڪليجو ٿو کپي عورت اي ايس آئي جي نوجوان نياڻي سان گڏ نڪري پئي ۽ وحشي درندي رفيق ملڪ سان رابطو ڪيو تنھن تي وحشي درندي رفيق ملڪ انھن کي ڪشمور جي سٽي پارڪ تي اچڻ لاءِ چيو ھي عورت ۽ اي ايس آئي جي نياڻي ٻئي سٽي پارڪ پھتيون جتي رفيق ملڪ انھن کي وٺڻ لاءِ پھتو رفيق ملڪ جڏهن ناري کان نالو وغيره پڇڻ شروع ڪيو ته مٿس سنڌ جو بھادر پوليس جو جوان پنهنجي پٽن سان گڏ ان کي پڪڙي ورتو ۽ ڪشمور ٿاڻي تي منتقل ڪيو جتي وحشي درندي رفيق ملڪ کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته ھن جوابدار عورت ۽ چار سالن جي ٻارڙي عليشا سان زيادتي جو انڪشاف ڪيو  جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪندي ٻارڙي کي بازياب ڪرائي ورتو ڊاڪٽرن انڪشاف ڪيو ته عليشا سان گينگ ريپ ٿيل آهي ۽ جسم تي پڻ تشدد جا نشان موجود آهن جنهن بعد پوليس وحشي جوابدار رفيق ملڪ کي ساڻ ڪري ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي لاءِ وئي جتي پوليس کي ڏسندي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني مقابلي دوران پنهنجي ساٿي جون ڳوليون لڳڻ سبب وحشي درندو رفيق ملڪ پنھنجي انجام تي پھتو ۽ پوليس ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتواي ايس آئي محمد بخش اھو سمورو مشن  ديدا دليري سان مڪمل ڪيو ۽ وحشي جوابدار جھنم وصل ٿي ويو.اي ايس آئي محمد بخش برڑو پنھنجي رب جو شڪر ادا ڪيو ۽ اھو معاملو ميڊيا سامھون اچي ويو ۽ ميڊيا ان معاملي کي سٺي ريت ھائيلائٽ ڪيو جنهن جو نوٽيس وزيراعظم پاڪستان وزير اعلي سنڌآئي جي سنڌ سميت مختلف منسٽرن نوٽيس وٺندي اي ايس آئي جي بھادري کي سلام پيش ڪيو ۽ مراعتن جو اعلان پڻ ڪيو جڏهن ته آئي جي سنڌ مشتاق احمد مھر اي ايس آئي محمد بخش برڑو ۽ ان جي فيملي کي سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي گھرايو جتي ريڊ ڪارپيٽ ۽ ٻگھي تي اي ايس آئي محمد بخش جو شاھي استقبال ڪيو ويو ۽ گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو ويو ۽ ھڪ تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي جتي اي ايس آئي ۽ ان جي بھادر نياڻي کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو اي ايس آئي محمد بخش برڑو نه صرف سنڌ پوليس جو نالو روشن ڪيو پر پوليس جو مورال پڻ بلند ڪرايو سنڌ بلڪي پوري ملڪ جي عوام اي ايس آئي کي سوشل ميڊيا تي دليري جي داد ڏئي رھي آھيجيڪو شخص وڏن وڏن آفيسر سان ملڻ ۽ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ سڪندو ھيو اڄ اھي وڏا وڏا منسٽر آفيسر محمد بخش برڑو سان فوٽو ڪڍرائڻ ۽ ملڻ لاءِ ترسي رھيا آھن ھي ڪشمور جو ھيرو سنڌ جو ھيرو پاڪستان جو ھيرو ۽ سنڌ پوليس جو اصل ھيرو آهي اھڙا ھيرا سالن صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن جڏهن مون ويڊيو ڏٺي گارڊ آف آرنر جي ۽ سلامي جي ته منهنجي اکين ۾ خوشي منجھا لڙڪ لڙي پيا ۽ مون ٽي وي سامھون جوان جي پٽ کي سلامي پيش ڪئي سلام اي ايس آئي محمد بخش برڑو سلام قوم جي بھادر نياڻي توکي پورو ملڪ نه پر پوري دنيا اڄ سلام پيش ٿي ڪري

پهنجو تبصرو موڪليو