ڪرڪٽ ورلڊ ڪپ 2019 لاءِ بنگلاديش ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش2019 ڪرڪٽ ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ مشرفي مرتضيٰ کي ڪپتان، مشفق رحمان وڪٽ ڪيپر، لٽن داس، محمد مٺن، محمودالله، شڪيب الحسن، تميم اقبال، سوميا سرڪار، محمد سيف الدين، ابو زايد، مستفيظ الرحمان، ربيل حسن، مهدي حسن مرزا، صابر رحمان ۽ مصدق حسين شامل آهن. ابو زايد ون ڊي ۾ ڊيبيو نه ڪرڻ باوجود به شامل، ڇو ته هن نيوزيلينڊ ۾ سوئنگ سبب مقبوليت ماڻي هئي. مڊل آرڊر بيٽسمين مصدق واپس آيو آهي. فاسٽ بالر تسڪين ۽ بيٽسمين عمران اليڪس ٽيم ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو