ڪرڪٽ تي ڀارتي سياست جي مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارت طرفان ڪشمير پريميئر ليگ ۾ پرڏيهي رانديگرن کي روڪڻ وارو معاملو عالمي سطح تي اُٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ تي ڀارت جي سياست جِي جيتري مذمت ڪجي اُها گهٽ آهي، ڪشميري نوجوانن کي ڊريسنگ روم ۾ وڏن ڪرڪيٽرن سان گڏ ويهڻ کان محروم ڪرڻ افسوسناڪ آهي، ٻئي پاسي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري به پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اهو پهريون موقعو ناهي جو مودي حڪومت ڪرڪيٽ کي سياست جي ور چاڙهيو هجي، ڀارت جو هرشل گبز سوڌو پرڏيهي رانديگرن کي ڪشمير ليگ ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ پراڻي روايت جو حصو آهي، ڀارت جي اهڙي قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هن چيو آهي ته ڪشمير جي جدوجهد کي اهڙن قدمن سان نقصان نه پر فائدو ٿيند

پهنجو تبصرو موڪليو