ڪرڪيٽ ٽيم جي ويسٽ انڊيز دوري جو شيڊول جاري

لاهور( ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ويسٽ انڊيز دوري جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو.پي سي بي جي ترجمان موجب پاڪستان ٽيم 21 جولاءِ کان 24 آگسٽ تائين ويسٽ انڊيز جو دورو ڪندي، دوري ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز ۽ ٻه ٽيسٽ ميچ کيڏيا ويندا، سيريز ۾ هڪ ٽيسٽ گهٽ ڪري ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچز وڌائي ڇڏيا ويا آهن، 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز باربا ڊوز ۽ گيانا ۾ کيڏيا ويندا.ٽي ٽوئنٽي ميچز 27 ۽ 28 بارباڊوز ۾ ٿيندا.31 جولاءِ، هڪ آگسٽ ۽ ٽي آگسٽ تي ٽي ٽوئنٽي ميچز گيانا ۾ کيڏيا ويندا، ٽيسٽ سيريز کان اڳ ٻه ڏينهن جي پريڪٽس ميچ گيانا ۾ ٿيندا جڏهن ته جميڪا ۾ پهريون ٽيسٽ 12 ۽ ٻيو ٽيسٽ 20 آگسٽ کان شروع ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو