ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو فائنل ارباب اليون کٽي ورتو

عمر ڪوٽ(ن سنڌيار)ٿرپارڪر ۾ پهريون مرحوم ارباب عبدالستار جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کاروڙو ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ اٺن ٽيمن حصو ورتو. ٽيمن ۾ مرحوم عبدالستار اليون کاروڙو، شاندار اليون ماليهار، ملير اليون ڀاڏور، خان اليون سگهروڙ، ڪاريهار اليون، شاهين اليون عبداالله جي وانڍ، عالمسر اليون ۽ ڪيرٽي اليون جي ٽيمن حصو ورتو. زبردست مقابلن بعد شاندار اليون ماليهار ۽ مرحوم ارباب عبدالستار   اليون کاروڙو فائنل ۾ پهتيون جنهن ۾ ارباب ستار اليون ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ شاندار اليون کي بيٽنگ جي دعوت ڏني جنهن مقرر اٺن اوورز ۾  76 جو اسڪور ٺاهيو. جيڪا ارباب عبدالستار اليون  پنجن اوورن ۾ اسڪور پوري ڪري ورتو. مين آف دي مئچ اڀيناش کي قرار ڏنو ويو. آخر ۾ ونر ۽ رنر ٽيمن ۾ نقد انعام ۽ ٽرافيون ڏنيو ويون. ٽورنامينٽ ۾ خاص مهمانن پي ٽي آءِ اڳواڻ ارباب انور، ارباب خانصاب توگاچي، ارباب فاروق ستار، ارباب عمران ۽ ٻين فوٽو خان بجير، علي جوڻيجو، حاجي ڍولو متواڻي، سگرام سنگه ٺڪر، زڪاالله نهڙيو، مرتضىٰ بجير ٻين پهچي ٽيمن جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ چيو ته اهڙن ٽورنامينٽن سان ڳوٺن جي ٽيمن کي سٺو موقعو ملي ٿو.

Photo Sindhyar

ھينئر هڪ پاسي ورلڊ ڪپ جاري آھي جنهن ۾ پاڪستان زبردست ڪارگردگي سان ٽي مئچون کٽي ويئي آھي. هر پاسي ڪرڪيٽ جون ڳالهيون آھن ۽ ھر ماڻھو ۾ جوش و جذبو شامل آھي. اهڙا راندين جا ٽورنامينٽ ٿيڻ گهرجن جنهن سان ڳوٺن ۾ ويجهڙائي ٿئي ٿي ۽ پاڻ ۾ ملڻ جا موقعا پيدا ٿين ٿا. مرحوم عبدالستار جي زندگي جي باري ۾ لکيل ڪالم پڙھيو ويو ته هر ڪنهن جي اک اشڪبار ٿي ويئي ۽ انهي جي ڪيل ڪمن تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. هن ٽورنامينٽ جا آرگنائيزر ڏيپ سنگه، ڪرشن سنگه، لڇمڻ سنگهه هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو