لاپته ماڻهن جي وڪيل انعام الرحيم جي حراست غير قانوني قرار

لاهور (بيورو رپورٽ) عدالت گم ٿيل ماڻهن جي پيروي ڪندڙ ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم کي حراست ۾ وٺڻ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. ايڊووڪيٽ ڪرنل (ر) انعام الرحيم جي حراست بابت ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هائيڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس مرزا وقاص رئوف ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل الياس ساجد ڀٽي ۽ ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم جو وڪيل ايڊووڪيٽ واصف به عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم جي حراست کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪرنل انعام الرحيم جي حراست جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي. ياد رهي ته ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيسن جي پيروي ڪري رهيو هو ان کي 16 ڊسمبر تي راولپنڊي ۾ واقعي ان جي رهائشگاهه تان اغوا ڪيو ويو هو. انعام الرحيم جي پٽ حسنين انعام صحافين کي ٻڌايو ته 16 ڊسمبر جي رات ساڍي 12هين وڳي عسڪري 14 ۾ واقع گهر جي گهنٽي وڳي جڏهن هن دروازو کوليو ته ڪاري ڪپڙن سان 80 کان 10 ماڻهو گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي منهنجي والد کي زبردستي گاڏي ۾ کڻي ويا. ان سان گڏ هنن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن تو ان واقعي بابت ڪنهن کي ٻڌايو ته ان جا سٺا نتيجا نه نڪرندا.

پهنجو تبصرو موڪليو