ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڊالر 150 روپين جو ٿي ويو، حڪومت ناڪام

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) کليل مارڪيٽ ۾ ڊالر150 روپين جي تاريخي بلندي تي پهچي ويو، وڌيڪ اڏام جو خطرو، مارڪيٽ مان ڊالر غائب حڪومتي اپاءَ ناڪام ٿي ويا. ڪرنسي ڊيلر رڳو خريدڻ لاءِ تيار ڊالر جو وڪرو نٿا ڪن. وزيراعظم سان ڪرنسي ڊيلرز جر ملاقت ۾ ڪيل واعدي موجب ڊالر جو ريٽ 144 روپيا رکڻ تي عمل نه ٿيو. حڪومت پاران پرڏيهه ويندڙن کي 10 هزار ڊالر بدران 3 هزار ڊالر کڻي وڃڻ جي حد مقرر ڪرن تي غور هلي رهيو آهي. روپئي جو ملهه گهٽ ٿين ۽ ڊالر جي قدر م اضافي بعد ڪجهه نه ڪرڻ باوجود حڪومت تي 700 روپين جي قرض جو اضافي ٻوجهه پئجي ويو. آءِ ايم ايف جي ترجمان چيو آهي ته قرض بابت معاهدي سان ڊالر جي قدر ۾ اضافي جو تعلق ناهي، مارڪيٽ فورسز ان جو پاڻ تعين ڪنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو