80 سيڪڙو پيش رفت، ڪرتارپور نومبر تائين کولڻ چاهيون ٿا، پاڪستان

لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان ۽ ڀارت جي وفدن وچ ۾ ڪرتارپور راهداري جي حوالي سان ڳالهين جو ٻيو دور ٿيو، جنهن تي ڌرين اطمينان ظاهر ڪيو آهي. ڳالهين بعد ڊاڪٽر فيصل ٻڌايو ته 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ماعملا طئي ٿي چڪا آهن. ڪرتارپور راهداري منصوبي تي ڳالهين ۾ پاڪستان جي 13 رُڪني وفد جي قيادت ڊي جي سائوٿ ايشيا ۽ پرڏيهي کاتي جي ترجمان محمد فيصل ڪئي. جڏهن ته ڀارت جي 8 رُڪني وفد جي نمائندگي گهرو کاتي جي جوائنٽ سيڪريٽري ايس ايل داس ڪئي. گڏجاڻي دوران ڪرتاپور راهداري منصوبي جي حوالي سان طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ مسودي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . ڳالهين جي ٻئين دور جي شروعات کان اڳ ڊاڪٽر محمد فيصل جو چوڻ هو ته وزيراعظم خطي ۾ امن جي خواهش رکي ٿو ۽ بابا گرونانڪ جي نومبر ۾ رٿيل 550 هين سالگرهه جي موقعي تي ڪرتاپور راهداري کولي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هُن چيو ته راهداري منصوبي تي 70 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي. ياد رهي بيو دور 2 اپريل تي واهگه ۾ ٿيڻو هو جنهن م ڀارت شرڪت نه ڪئي هئي ۽ ملتوي ٿيڻ بعد اڄ ٿيو آهي. هن رستي کلڻ بعد سکن کي پاڪستان ۽ هندوستان ويزا فري اچ  وڃ جي سهولت ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو