ڪربلا جي ميدان تي باطل کي شڪست، حسينيت امر ٿي وئي

هڪ دفعي حضرت امام حسن رضي الله تعاليٰ عنه ۽ حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه ننڍپڻ ۾ پنهنجي نانا سائين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي خدمت ۾ پيش ٿيندي ڪلهن مبارڪن تي سوار ٿي ويهي رهيا، هڪ غلام عرض ڪيو ته ؛ صاحبزاده توهان جي سواري ڪيڏي نه پياري سواري آهي ؟  جنهن تي آقا يارسول الله صلي الله عليه وسلم  فرمايو ته ؛ ۽ سوار به ڪيڏا پيارا آهن.اهڙي طرح آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم سجدي ۾ هيا ته امام حسن رضي الله عنه پٺي مبارڪه تي ويهي رهيا، آقا ڪريم مديني جا شهنشاهه صلي الله عليه وسلم پنهنجي سجدي کي طويل ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته متان مٿي سر مبارڪ ڪريان ۽ اٿان ته ٻچڙو شهزادو ڪري نه پئي.سرڪار مدينه صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ؛ امام حسن رضه ۽ امام حسين رضه اسانجا هيءُ ٻئي پٽ جنت جي جوانن جا سردار آهن ۽ فرمايائون ته انهن جو دوست اسان جو دوست ، انهن جو دشمن اسان جو دشمن آهي ۽ فرمايائون ته ؛ هيءُ ٻئي عرش جون تلوارون آهن ۽ فرمايائون ته ” حسين مون مان آهي ۽ مان حسين مان آهيان “  الله دوست رکي انهيءَ کي جيڪو حسين کي دوست رکي. هڪ ڏينهن حضور پر نور صلي الله عليه وسلم جن جي ساڄي پاسي جي ڪڇ ۾ پنهنجو پيارو ڏوهٽو حضرت امام حسين رضي الله عنه  ۽ کاٻي پاسي جي ۾ پنهنجو فرزند پٽ حضرت ابراهيم رضي الله عنه ويٺا هئا.حضرت جبرئيل عليه السلام حاضر ٿيندي عرض ڪيو ته انهن ٻنهي مان هڪ الله جي سڏ طرف وڃڻ پسند ڪريو، جنهن تي پياري آقا ڪريم ﷺ حضرت امام حسين رضي الله عنه جي جدائيءَ بجاءِ پنهنجي فرزند حضرت ابراهيم رضي الله تعاليٰ عنه جي لاءِ ها ڪئي ۽ ٽن ڏينهن بعد سندن جو فرزند پڙدو مٽائي ويو.انهيءَ واقعي کانپوءِ جڏهن پاڻ ڪريمن ﷺ جي خدمت ۾ حضرت امام حسين رضي الله عنه ايندا هئا ته پاڻ فرمائيندا هئا مرحبا ڀلي ڪري آيا جنهن تي مان پنهنجو پٽ قربان ڪيو. ۽ فرمائيندا هئا ته ؛ “ هيءُ ٻئي منهنجا پٽ ۽ منهنجي ڌيءَ جا پٽ آهن، الاهي ! مان انهن کي دوست رکان ٿو تون به انهن کي دوست رک ۽ انهيءَ کي دوست رک جيڪي انهن کي دوست رکن. آقا ڪريم رحمت عالميان ﷺ پنهنجي نياڻي فاطمته الزهريٰ رضي الله تعاليٰ عنها کي فرمايو ته ؛ منهنجي ٻنهي پٽن کي وٺي اچ پوءِ ٻنهي کي سنگهندا هئا ۽ سيني پاڪ سان لڳائيندا هئا. سبحان الله ،

گهر لٽانا جانِ دينا ڪوئي تجهه سي سيکهه جائي،

جان عالم هو فدا اي خاندانِ اهل بيت.

 امام احمد سيدنا علي المرتضيٰ شير خدا رضي الله عنه کان روايت آندي اهي ته ان فرمايو ته ؛ مان هڪ ڏينهن حضور نبي ڪريم ﷺ جن جي دربار ۾ حاضر ٿيس ته سندن اکيون مبارڪ هنجون هاري رهيون هيون مون عرض ڪري پڇيو ته آقا يارسول الله ﷺ ! اوهان کي ڪهڙو غم روئاري رهيو آهي ؟ فرمايائون ته “ هائو مون وٽان هاڻي جبرئيل عليه السلام اٿي ويو آهي جنهن مون کي ٻڌايو آهي ته حسين رضه فرات جي ڪناري تي شهيد ڪيو ويندو ۽ مون کي چيائين ته ” ڇا اوهان پسند فرمايو ٿا ته مان اوهان کي ان شهادت جي جاءِ واري مٽي سنگهايان ؟ “ مون چيو ته هائو” پوءِ جبرئيل عليه السلام هٿ ڊگهو ڪري ان مٽيءَ مان مٺِ ڀري مون کي ڏني، اها سنگهي ۽ ڏسي مان اکين کي روئڻ کان روڪي نه سگهيس. ابن سعد ۽ ٻين حضرت علي المرتضيٰ شير خدا رضي الله عنه کان روايت آندي آهي ته پاڻ صفين جي علائقي ڏانهن ويندي ڪربلا جي ميدان کان لنگهيا ۽ پڇيائون ته هن سرزمين جو نالو ڇا آهي ؟ ڪنهن عرض ڪيو ته “ ڪربلا ” فرمايائون ته ڪرب ۽ بلا ، ڏک ۽ مصيبت جي سرزمين ، پوءِ اتي لهي هڪ وڻ وٽ نماز پڙهيائون ۽ فرمايائون ته “ هتي ڪجهه فرد شهيد ٿيندا جيڪي اصحابن شهيدن کان سواءِ ٻين سڀني شهيدن کان ڀلا هوندا ۽ بنا حساب جي بهشت ۾ داخل ٿيندا” .پوءِ اتي هڪ مخصوص جاءِ ڏانهن اشارو ڪندي فرمايائون “ هتي شهيد ٿيندا ” اهو  ٻڌي اتي جي رهڻ وارن ڪنهن شيءِ سان ان جاءِ تي نشان ڪري ڇڏيو ۽ ڪربلا جي واقعي کان پوءِ ڏٺائون ته اتيئي حضرت امام حسين رضي الله عنه شهيد ڪيل هو.روايت آهي ته حضرت علي المرتضيٰ شير خدا رضي الله عنه جن گهڻو ڪري چوندا هئا ته مون پنهنجي سڄي عمر ۾ تي صدما تمام سخت سٺا آهن  “1 ”   حضور عليه الصلوات والسلام جن جي منهنجي اکين اڳيان رحلت “  2 ” فاطمته الزهريٰ جي رحلت  “ 3 ”  پياري پٽ حسين جي شهادت جي پنهنجي حياتيءَ ۾ خبر ٻڌڻ، جو رسول الله ﷺ جن فرمايو ته ؛ جبرئيل مون کي ٻڌايو آهي ته حسين فرات جي ڪناري تي شهيد ڪيو ويندو. يزيد لاءِ بيعت ڪرڻ کان انڪار جو سبب ؛ محقق علماءَ ڪرام لکيو اهي ته يزيد بي دين، ظالم ۽ گمراهه هجڻ جي ڪري بيعت جو لائق ئي نه هو، ان جي ڪري حضرت امام حسين رضي الله عنه نه سندس بيعت ڪئي ۽ نه سندس حڪمرانيءَ کي تسليم ڪيو.حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي عليه الرحمته حديث مبارڪه يعني ان کان پوءِ گمراهيءَ ڏانهن سڏيندڙ پيدا ٿيندا جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته گمراهيءَ ڏانهن سڏيندڙ شام ملڪ ۾ يزيد ۽ عراق ۾ مختار هو، علامه شيخ عبدالحق محدث دهلوي عليه الرحمت لکيو آهي ته اسان وٽ يزيد نهايت برو ۽ ناپسنديده انسان آهي هن امت ( محمديه ) ۾ جيڪي ڪم ان بدبخت ڪيا ٻئي ڪنهن به نه ڪيا، اهڙي نااهل ۽ نالائق جي بيعت نه ڪرڻ حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جو اعليٰ ڪردار آهي. جڏهن حضرت امام حسين  رضي الله عنه يزيد جي بيعت کان انڪار ڪري گهر پهتو ۽ مديني منوره مان نڪرڻ جو ارادو ڪيائين ته اها خبر سندس پوئتي ڀاءُ محمد بن حنفيه رضي الله عنه ٻڌي ۽ کيس مشورو ڏيندي عرض ڪيائين ته “ جيڪڏهن هروڀرو اوهان هتان وڃون ٿا ته يزيد ۽ سندس شهر کان پري رهجو، ماڻهن ڏانهن حق تي هلڻ جي لاءِ قاصد موڪلجو، جيڪڏهن اوهان جي سڏ کي قبول ڪري اوهان جي اطاعت ڪن ته الله جل شانه جو حمد ڪجو ۽ جيڪڏهن نه مڃين ته انهن جي نه مڃڻ جي ڪري اوهان جو دين ، عقل ۽ ماڻهپو گهٽ نه ٿيندو. اوهان انهن سڀني نعمتن کان ڪم وٺي پنهنجو مرتبو ،مانُ ۽ فضيلت برقرار رکجو، مونکي ڊپ ٿو ٿئي ته متان اوهان ڪنهن شهر ۾ يا ڪنهن قوم وٽ وڃو ته اهي اوهان جا مخالف ٿي اوهان کي تڪليف نه پهچائين.جڏهن حضرت امام عالي مقام امام حسين رضي الله عنه کيس کولي ٻڌايو ته “ مان مديني منوره مان هجرت ڪري وڃان پيو ” .تڏهن ان کيس عرض ڪيو ته “ پوءِ مڪه مڪرمه ۾ رهجو جيڪڏهن اتي به اوهان کي تنگ ڪن ته پوءِ جهنگل ، جبل ۽ واريءَ جا دڙا وسائجو شهر مٽائيندا رهجو انتظار ڪجو ته ڪٿي ٿو معاملو پهچي”.حضرت امام حسين رضي الله عنه ان کي چيو ته “ اوهان شفقت ڀريون نصيحتون ڪيون آهن اميد آ ته اوهان جي راءِ صحيح نڪرندي ۽ ان تي هلڻ جي توفيق نصيب ٿيندي.

حسيني وصيت ؛ جڏهن محمد بن حنفيه رضي الله عنه پنهنجي پياري ڀاءُ سان گفتگو ڪري فارغ ٿيو ۽ پاڻ کيس مثيون جواب ڏنائين ته ٻنهي ڀائرن هڪ ٻئي ڏانهن پيار سان نهاري روئي ڏنو، ڪجهه وقت کانپوءِ حضرت حسين رضي الله عنه قلم ڪاغذ گهرائي پنهنجي طرفان ڀاءُ کي هيٺ ذڪر ٿيندڙ وصيت لکي ڏني. بسم الله الرحمن الرحيم يعني ؛ هيءَ اها ( لکت۾ ) وصيت آهي جيڪا حسين بن علي بن ابي طالب پنهنجي ڀاءُ محمد جيڪو ابن الحنفيه سان مشهور آهي کي ڏني آهي ، يقينن حسين شاهدي ڏي ٿو ته الله هڪ کان سواءِ ڪو به عبادت جو لائق نه آهي ،اهو هڪ آهي انجو ڪو به شريڪ نه آهي ۽ يقينن حضرت محمد ﷺ ان جو ٻانهو ۽ رسول آهي.جنھن ان اللھ وٽان حق جو پيغام آندو آهي ۽ بلاشڪ بهشت به حق آهي ۽ دوزخ به حق آهي ۽ يقينن قيامت اچڻي آهي ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ۽ نه انهيءَ ۾ ڪو شڪ آهي ته الله تعاليٰ قبرن وارن کي قيامت جي ڏينهن اٿاريندو ۽ مان يزيد جي خلاف فساد ڪندڙ ۽ ظالم ٿي نه نڪتو آهيان مان نه صرف پنهنجي ناني حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي امت جي سڌارڻ لاءِ ميدان ۾ آيو آهيان منهنجو ارادو آهي ته چڱائي چوان برائيءَ کان روڪيان ۽ پنهنجي نانا محمد  ﷺ ۽ بابي علي بن ابي طالب جي سيرت ( نقش قدم) تي هلان، پوءِ جنهن حق قبول ڪرڻ جي ڪري مون کي قبول ڪيو ته الله تعاليٰ حق جو وڌيڪ سنڀاليندڙ آهي ۽ جنهن منهنجي هن ڳالهه کي رد ڪيو ته مان صبر ڪندس تانجو الله تعاليٰ مون ۾ ۽ منهنجي قوم ۾ حق جو فيصلو ڪري ۽ اهو الله تعاليٰ ٻين سڀني حاڪمن کان ڀلو آهي. اي منهنجا ڀاءُ هيءُ تو وٽ منهنجي وصيت آهي ۽ منهنجي توفيق به الله تعاليٰ جي ڪرم سان آهي، ان تي ئي توڪل ڪئي اٿم ان ڏانهن ئي موٽان ٿو.مدينه منوره جا منظر ، نبوي مسجد ۽ ان ۾ رياض الجنت جهڙا مقدس حصا ڇڏڻ آسان نه آهن ، اسانجو ته سڀ ڪجهه مدينه منوره ۾ ئي آهي.مديني واري سائين صلي الله عليه وسلم جا ٻچڙا امام پاڪ اسان سڀني مومن مسلمانن جي ايمان جو اولين حصو آهن جن انهن سان ڪامل اڪمل سرڪار مدينه راحتِ قلب و سينه حضور سراپا نور صلي الله تعالي عليه وسلم سان انهن جي ٻڌايل طريقي موجب محبت ۽ عقيدت رکي اهي ئي ڪامياب ۽ ڪامران آهن.باقي رونڇي ناچ گانن خرافات سان اسلام جو تعلق ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ .اسلام ته هڪ پاڪيزه مذهب ۽ دين برحق آهي جنهن ۾ زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي واضع ۽ نمايان روشني ۽ تعليمات مليل آهي انهيءَ لاءِ آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم پوءِ صحابه ڪرام، تابعين، تبع تابعين، صالحين ، اولياءَ الله جي طريقي موجب حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻو پوندو.  حضرت اسامه بن زيد رضي الله عنه  کان روايت آهي ته اسان جي پياري آقا رحمتِ واري داتا،  حضور سراپا نور صلي الله تعاليٰ عليه وسلم جو فرمانِ عاليشان آهي ته هيءُ ٻئي ( امام حسن رضه ۽ امام حسين رضه ) منهنجا ۽ منهنجي ڌيءَ جا پٽ آهن اي الله ! مان انهن ٻنهي سان محبت ٿو رکان تون به انهن سان محبت رک. حضرت انس بن مالڪ رضه کان روايت آهي ته حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کان پچيو ويو ته يعني اوهانجي اهل بيت مان اوهانکي وڌيڪ پيارو ڪير آهي ؟ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم  ارشاد فرمايائون ته حسن ۽ حسين ۽ پاڻ حضرت بيبي فاطمه رضي الله تعاليٰ عنها کي فرمائيندا هئا ته مون ڏانهن منهنجن ٻنهي پٽن کي سڏ ڪري وٺي آءُ ۽ ڦاڻ ٻنهي کي سنگهندا ۽ ڀاڪر پائيندا هئا.عبدالله بن شداد پنهنجي پيءُ کان روايت آندي آهي ته هڪ ڀيري حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن گهڻي دير تائين سجدي ۾ رهيا اسان دل ۾ چيو ته سايد ڪا نئين ڳالهه ٿي آهي يا هينئر مٿن وحي جو نزول ٿي رهيو آهي( پڇڻ تي) پاڻ فرمايائون ته ٻيو ڪجهه نه هو منهنجو پٽ ( حسين پاڪ ) مون تي سوار ٿي ويٺو ، مون پسند نه ڪيو ته تڪڙ ڪيان، ڀلي پنهنجو شوق پورو ڪري. سرڪار صلي الله عليه وسلم وڌيڪ فرمايو ته حسين مون مان آهي ۽ مان حسين مان آهيان. الله ان سان محبت رکي جنهن حسين سان محبت رکي ، حسين ڏوهٽن مان شاندار ڏوهٽو آهي.حضرت ابو سعيد رضي الله عنه کان روايت آهي ته آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته يعني حسن ۽ حسين جنتي جوانن جا سردار آهن.حضرت ابو هريره رضي الله عنه کان روايت آهي ته ؛ هڪ ڀيري حسنين ڪريمين حضور صلي الله عليه وسلم جن جي اڳيان ڪشتي ( راند ) ڪئي. پاڻ حسين کي فرمايائون ته “ حسن هيئن وٺ” سيده فاطمه عرض ته ؛ صرف حسن لاءِ ائين ڇو ٿا فرمايو ؟ فرمايائون ته ؛ حسين کي جبرئيل چئي رهيو آهي.بيبي زينب بنت ابي رافع کان روايت آهي ته ؛ سيده فاطمه زهرا رضي الله عنها پنهنجي ٻنهي پٽن کي حضور عليه الصلوات والسلام جي خدمت ۾ آڻي عرض ڪيو ته ؛ هي اوهان جا پٽ آهن انهن کي ورثو عطا ڪيو ؛ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايائون ته ؛ حسن لاءِ منهنجي هيبت ۽ سرداري آهي ۽ حسين لاءِ منهنجي جرئت ۽ سخاوت آهي. ياد رکڻ گهرجي ته امام عالي مقام ، امام عرش مقام ، امام ڪون و مڪان حضرت سيدنا امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي بهادري، سخاوت ، نمازن ۾ آقا مولا امام عالي مقام امام حسين رضي الله عنه سجدا گريه زاري رب العالمين سان ملاقات ڪرڻ ۽ پنهنجي مٺڙي نانا سائين رحمت واري آقا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي ديدار فيض انوار جي گود پاڪ ۽ ڪلهن مبارڪن سان گڏوگڏ سرڪار دوجهان صلي الله عليه وسلم جي صحبت بابرڪت مان نڪرندڙ هيءُ شهزادو ڪائنات ۾ اهڙي لازاول قرباني ڏيئي ويو جنهن جو دنيا جي تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. انهيءَ لاءِ اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان فاضل بريلوي رحمت الله عليه پنهنجي شاعري جي ڪتاب “ حدائق بخشش ” ۾ فرمايو آهي ته ؛ تيري نسلِ پاڪ مين هي بچه بچه نُور ڪا، 

تون هي عين نُور تيرا سب گهرانه نور ڪا. اهڙي طرح ئي منهنجا پاڪ مولا حسين رضي الله تعاليٰ عنه پنهنجي پوري گهر کي جهڙي طرح قربان ڪري اسلام کي هميشه جي لاءِ جياپو ڏياريو اهو تاريخ جي ورقبن ۾ هميشه ياد ڪيو ويندو ۽ سموري هسٽري تاريخ اهڙو درد ڀريو، قرباني وارو سانحو واقعو نه ٿيو آهي نه ٿي سگهندو جهڙي طرح ڪربلا جي ڌرتيءَ تي اسانجي پياري آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي پيارن ٻچڙن امام عاليمقام، امام عرش مقام، امام ڪون و مڪان حضرت سيدنا مولا حسين رضي الله تعاليٰ عنه ۽ سندن جي لخت جگر شهزادن کي ڪرب و بلا جي تتل مٽيءَ تي قربان ڪري پنهنجي نانا سائين رحمت عالميان صلي الله عليه وسلم جي دين محمديءَ کي جياپو ڏنو ۽ دين جا دشمن ياد ڪري ڇڏين ته جيستائين آذان ٻانگ ۾ محمد رسول الله جو اسم پاڪ جاري و ساري آهي تيستائين سمجهو ويندو حضرت سيدنا امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي قربانيءَ جو ثمر ۽ الله جي وحدانيت کي مڃڻ باقي آهي ڇاڪاڻ ته مولا حسين پاڪ الله جي ذڪر پاڪ سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ اهو ذڪر الله، ذڪر رسول، ذڪر اهلبيت، ذڪر صحابه ڪرام،ذڪر ڪاملين، صالحين، اولياءَ الله قيامت تائين باقي رهڻو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو