ڪراچي ۾ 5 ماڙ عمارت ڪري پئي 4 فوت ڪيترائي زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪورنگي ڪراسنگ جي الله والا ٽائون ۾ چار ماڙ رهائشي عمارت ڌماڪي سان ڪري پئي،جنهن سبب ٽريفڪ اهلڪار جي گهرواري، پٽ ۽ نياڻي سميت 4 لاش ۽ 7 زخمي ٿي پيا. عيني شاهدن موجب عمارت جي ملبي ۾ ڪيترائي ماڻهو دٻيل آهن. عمارت جي ملبي مان مليل زخمين جو انگ7 ٿي ويو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته عمارت جي ملبي ۾ ڪافي ماڻهو دٻيل هجڻ جو خدشو آهي، پوليس، علائقي واسي ۽ امدادي ٽيمون ڪم ۾ مصروف آهن. ڪورنگي ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته عمارت جي مالڪ کي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو ته عمارت زبون حال آهي خالي ڪريو.  عمارت ۾ ڏار پئجي ويا هئا ۽ ڪجهه خاندان فليٽ خالي ڪري ويا هئا. علائقي جي با اثرن راندين جي ميدان تي قبضو ڪري عمارٽ ٺهرائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو