ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات هلندڙ آهي. بارش سبب زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، فلائيٽ شيڊول سخت متاثر ٿيو آهي. رن وي تي پاڻي جمع آهي پر ان هندي به ڪجهه جهازن لينڊنگ ڪئي. ڪچرو لڙهي نالن ۾ اچڻ سبب نالن جو گندو پاڻي روڊن تي اچي ويو آهي.
مختلف علائقن گلستان جوھر، پھلوان ڳوٺ، ملير، قائد آباد، سعدي ٽائون، ڪورنگي، گلشن اقبال ۽ سخي حسن جي آسپاس ۾ تيز برسات ٿي رھي آھي. ٻئي پاسي آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر، شاھراھ فيصل، ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ بھ ڪڪر وسڻ شروع ٿي ويا آھن، عملدارن پاران شھرين جي لاءِ ھدايت نامو جاري ڪيو ويو آھي، ڊفيسن جي بخاري ۽ مسلم وارن علائقن ۾ روڊ تي پاڻي بيٺل آهي.
مرتضيٰ وهاب مختلف علائقن جو دورو ڪري پاڻي ڪڍ جي هدايت ڪئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر تي ڪارا ڪڪر ڇائنيل آهن ۽ جيڪڏهن وڌيڪ بارش ٿي ته اربن فلڊنگ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. ٽن ڏينھن کان وقفي وقفي سان جاري بارشن شھر جو نظام ڌرھم برھم ڪري ڇڏيو آهي. نانگن چورنگي ـ واٽر پمپ ـ سخي حسن ـ دستگير ـ انچولي ـ گلبرڪ سيمت ڪيترائي علائقا پاڻي ھيٺ اسڪولن جون وينون ۽ رڪشا برساتي پاڻي ۾ ڦاسي پيا ڪيترن علائقن ۾ بجلي به بند آهي. نالن جي صفائي نه ھئڻ ڪري بارش جو پاڻي ڍوري وارن علائقن ۾ روڊن ۽ گھرن اندر داخل ٿي ويو آهي.
نالن ۾ ڪچري جا ڍير ھجڻ توڙي شھر جي مختلف ھنڌن تان ڪچرو بروقت نه کڻڻ سبب بارشن سمورو ڪچرو کليل نالن ۾ لڙھي وڃڻ سبب اڪثر نالا بند ٿي ويا ۽ بارشن جي پاڻي سان گڏو گڏ گٽرن جو گندو پاڻي پڻ روڊن ۽ گھرن اندر ڪاھي پيو .