ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نشوا ۽ حنين کانپوءِ ڪراچي ۾ ٽيون ٻار ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. گُلشن اقبال 13 ڊي ۾ ٻارڙي صبا کي نمونيا سبب والد ڪلينڪ تي وٺي ويو، جتي پاڻ کي ڊاڪٽر سڏائيندڙ شخص ٻارڙي کي انجيڪشن لڳائي ته اُن کان جلد پوءِ هوءَ فوت ٿي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته رات دير سان ڇاپو هڻي ڪلينڪ جي عطائي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جناح اسپتال جي ليڊي ايم ايل او ڊاڪٽر ذڪيا ٻارڙي جو پوسٽ مارٽم ڪيو ۽ ڪيميڪل ايگزامنر جي رپورٽ جو انتظار آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جو لاش رات کان جناح اسپتال جي سرد خاني ۾ رکيل آهي. پوليس موجب ٻارڙي جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو، جنهن ڊاڪٽر ٻارڙي صبا کي انجيڪشن لڳائي، ان کي ته ڊاڪٽريٽ جي ڊگري جو به پتو ناهي. فوت ٿيل ٻارڙي صبا جي والد ظفر اقبال جو چوڻ آهي ته ٻارڙي کي نمونيا جي تڪليف سبب ڪلينڪ تي وٺي آيو، جتي ڊاڪٽر طرفان انجيڪشن لڳائڻ کانپوءِ سندس وات مان جهڳ نڪري رهي هئي. ڊاڪٽر ٿوري دير کانپوءِ چيو ته کيس ٻي اسپتال وٺي وڃو ۽ جڏهن مصطفيٰ ميڊيڪل سينٽر وياسين ته هنن چيو ته ٻارڙي فوت ٿي چڪي آهي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو