ڪراچي ۾ ناردرن باءِ پاس لڙهي وئي، بندرگاهن جي ٽريفڪ متاثر

ڪراچي( نمائندن وٽان) سنڌ جي گادي واري شهر ۾ برسات ته بند ٿي وئي پر عوام جي پريشاني ختم نه ٿي سگهي، ڪٿي بجلي ناهي ته ڪٿي روڊ رستا، انڊر پاس ۽ قبرستان به پاڻي ۾ ٻڏل آهن. جيئرن ماڻهن سان گڏ مردا به ٻڏن پيا، ڪيترن قبرستانن ۾ قبرون ويهي وڄڻ سبب قبرن ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي. ناردرن باءِ پاس جو ڪجهه حصو لڙهي ويو آهي جنهن سبب بندرگاهن کان ٽريفڪ جي اچ وڃ بند آهي، بحالي جو ڪم هلي پيو. هن رستي سان روزانو 700 ٽرالر ۽ ٽرڪون گذرنديون آهن پر ٻن ڏينهن کان بند آهي. لٺ ۽ ثڌو ڊيم مان پاڻي اوور ٽاپ پيو ڪري ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ۾ آهن، ايس ايڇ او گڏاپ موجب فوج ۽ رينجرز جون ٽيمون ڪم ڪن پيون ۽ پنج جاين تان پاڻي جو رخ موڙيو آهي  ۽ فوج 800 ميٽر بند به ٻڌو آهي. سپر هاءِ وي واري جانورن جي منڊس ۾ به پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب واپاري ۽ خريدار پريشان آهن. سعدي ٽائون ۽ ملير ڪينٽ مان پاڻي شهري انتظاميا سان گڏ فوجي جوان ڪڍي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ۾ الزام بازي جي جنگ به جاري آهي جيڪي هڪٻئي کي ذميورا قرار ڏئي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو