ڪراچي پوليس چيف تبديل، سينئر آفيسرن جون بدليون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه جي صحيح سان ڪراچي پوليس چيف جي عهدي تان غلام النبي ميمڻ کي فوري طور هٽائي سندس جاءِ تي عمران يعقوب منهاس کي مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو وڏو وزير مٿس ڪاوڙيل هو. ٻئي آفيسر پوليس سروس جا گريڊ 21 هين جا آهن. ٻئي ايڊيشنل آءِ جي جي عهدن تي آهن. ياد رهي ته عمران يعقوب منهاس پهريون آفيسر هو جنهن آءِ جي پوليس جي اغوا تي احتجاج ڪندي ڪم نه ڪرڻ ۽ موڪل جي درخواست ڏني هئي. ان کانسواءِ آءِ جي پوليس جي صحيح سان جاري ڪيلنوٽيفڪيشن موجب اسسسٽنٽ آءِ جي موٽر ٽرانسپورٽ جي عهدي تي ڪم ڪندڙ مختيارخاصخيلي کي ايس ايس پي عمر ڪوٽ لڳايو ويو آهي، جتان شاهجهان کي بدلي ڪري ڪورنگي جو ايس ايس پي لڳايو ويو آهي، ڪورنگ مان فيصل عبدالله چاچڙ کي بدلي ڪري سي پي او رپورٽ ڪرايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو