پاڪستاني اوپنرز جو 18 سالن بعد سينچريز ٺاهڻ جو رڪارڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سريلنڪا خلاف ٻئي ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ پاڪستاني رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو آهي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ جاري ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن تي پاڪستان سريلنڪا تي 315 رنز جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. عابد علي 174 رنز ٺاهي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو ۽ شان مسعود 135 رنز ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو. پاڪستاني اوپنرز 18 سالن بعد سينچريون اسڪور ڪيون آهن. اڳ ۾ 1997 ۾ عامر سهيل ۽ اعجاز احمد ويسٽ انڊيز خلاف 298 رنز جي اوپننگ پارٽنر شپ قائم ڪئي هئي. ان کان اڳ 2001 ۾ به سعيد انور ۽ توفيق عمر بنگلاديش خلاف سينچريون ٺاهيون هيون. اها سعيد انور جي آخري ۽ توفيق جي پهرين ٽيسٽ ميچ هئي. ڪپتان اظهر علي 57 ۽ بابر اعظم 22 ناٽ آئوٽ ڪيريز تي موجود آهن. لڳي ٿو پاڪستان چوٿين ڏينهن منجهند تائين اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏيندو. عابد علي جاويد ميانداد جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو. ميانداد ابتدائي ٻن ميچز ۾ 319 رنز ٺاهيون هيون جڏهن ته عابد علي 321 ٺاهيون. پنهنجي نامڪمل ٻي اننگز جي شروعات ڪئي ته عابد علي 32 ۽ شان مسعود 21 رنسن سان وڪيٽ تي موجود هيا. ٻنهي رانديگرن شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌائيندي سريلنڪا جي پهرين اننگ جي برتري ختم ڪئي. عابد علي راولپنڊي ٽيسٽ بعد ڪراچي ٽيسٽ ۾ به شاندار سينچري اسڪور ڪئي.

هو پاڪستان طرفان ڊيبيو بعد ٻي ٽيسٽ ۾ به بهترين اسڪور ڪندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو آهي. عابد علي ۽ شان مسعود سينچريون اسڪور ڪيون. شان مسعود 135 رنز ٺاهي آئوٽ عيو. خيال رهي ته پاڪستاني ٽيم پهرين اننگ ۾ 191 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي جنهن جي جواب ۾ سريلنڪا پهرين اننگ ۾ 271 رنسون ٺاهي گرين ڪيپ تي 80 رنسن جي برتري حاصل ڪئي هئي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جي آخري ميچ ڪراچي اسٽيڊيم ۾ جاري آهي. تماشائي پڻ وڏي انگ ۾ موجود آهن.

پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو ۽ پوري ٽيم 191 رنز تي ڍير ٿي وئي. جنهن بعد سريلنڪا پهرين اننگ ۾ 271 رنز اسڪور ڪري سگهي. دنيش چنديمل 74 ۽ دلرووان پريرا 48 رنز ڍاهيون. شاهين آفريدي 26.5 اوورز۾ 77 رنز ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون ۽ محمد عباس 27 اوورز ۾ 55 رنز ڏئي 4 وڪيٽ حاصل ڪيون. هڪ وڪيٽ حارث سهيل 3 اوورز ڪرائي 11 رنز ڏئي ورتي. پاڪستان جي ٻئي اننگ جي بيٽنگ جاري آهي ۽ 14 اوورز ۾ 57 رنز بنا ڪنهن نقصان جي ٺاهيون آهن. اوپنر شان مسعود 21۽ عابد علي 32 رنز تي ناٽ آئوٽ آهن جيڪي ڇنڇر تي ٻيهر بيٽنگ ڪندا. ان کان اڳ پهرين اننگ ۾ عابد علي 38 رنز ٺاهي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو هو. حارث سهيل 9 رنز ۽ بابر اعظم 60 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. محمد رضوان 4، شان مسعود 5، ياسر شاهه ٻڙ ۽ اسد شفيق 73 رنز ٺاهيون. 7 رانديگر ڊبل فگر اسڪور به نه ڪري سگهيا ڪپتان سميت ٽي رانديگر بنا رن ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويا. بيٽنگ ۾ قومي ٽيم مايوس ڪن آغاز ڪيو ۽ صرف 18 رنز تي 2 آئوٽ ٿي ويا هئا. لهيرو ڪمارا ۽ لسٿ امبلدينيا چار چار وڪيٽ ۽ وشوا فرنينڊو 2 وڪيٽون ورتيون. سريلنڪا جي بيٽنگ شروع ٿي ته هنن جي به شروعات بهتر نه ٿي  19 اوورز ۾ 64 رنز تي 3 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا. ٻئي ڏينهن جي راند شروع ٿي ته سريلنڪا جا 3 وڌيڪ رانديگر آئوٽ ٿيا. ياد رهي ته پهرين ٽيسٽ ميچ راولپنڊي ۾ بارش سبب ڊرا ٿي ويو هو

پهنجو تبصرو موڪليو