ڪراچي لوڊ شيڊنگ، هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ٻڌڻ لاءِ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف درخواست ترت ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، درخواست تي ٻڌڻي لاءِ جسٽس خادم حسين جي سربراهيءَ ۾ 2 رُڪني بئنچ قائم ڪئي وئي، درخواست گذار چيو آهي ته ڪراچي ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ تائين اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، گرميءَ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهري وڏي عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهن، درخواست ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ کان روڪڻ ۽ لاپرواهيءَ ڪرڻ تي ڪاروائي نه ڪرن بابت نيپرا اختيارين خلاف به ڪارروائي ڪرڻ جي گذارش ڪئي وو؟ي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو