ڪراچي جي 11 يونين ڪائونسلز ۾ مڪمل لاڪ ڊائون

ڪراچي (دريا خان شر) ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ٿيل واڌ ۽ 6 فوتگين بعد سنڌ حڪومت ڪراچي جي 11 يونين ڪائونسلز ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. فوج، رينجرز ۽ پوليس کي چيو ويو آهي ته هو ماڻهن سان مناسب رويو اختيار ڪندي لاڪ ڊائون تي سختي سان عمل ڪرائين. سنڌ جي وڌي وزير چيو آهي ته اسانجي مجبوري آهي ماڻهو خيال نٿا ڪن.

نوٽيفڪيشن موجب 11 يونين ڪائونسلز ۾ يو سي6 کان يو سي 14 جن ۾ گيلاني ريلويز، ڊالميا، جمالي ڪالوني، گلشن ٽو، پهلوان گوٺ، گلزار هجري، صفورا ۽ فيصل ڪينٽ شامل آهن. جڏهن ته يو سي 2 منظور ڪالوني، يوسي 9 جيڪب لائن ۽ يو سي 10 جمشيد ڪوارٽر به شامل آهن. ياد رهي ته سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 6 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿيا آهن جنهن بعد صوبي ۾ فوتين جو انگ 28 ٿي ويو آهي ۽ وائرس جا نوان مريض ظاهر ٿين بعد سندن انگ 919 ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته انهن علائقن ۾ اچ وڃ تي مڪمل پابندي هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو