ڪراچي جي نيڪال واري نظام جي گنجائش گهٽ آهي، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيوآهي ته ڪراچي شهر جي نيڪال واري نظام کي برساتي پاڻيءَ واري نظام کان ڌار ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ آيل تباهي ۽ نالن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز ۽ صوبائي وزيرن سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سيد مراد علي شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته ڪراچي مان پاڻي جي نيڪال جي گنجائش25 کان 30 ملي ميٽر هر اڌ ڪلاڪ جي آهي پر تازو هڪ ڪلاڪ ۾ 63 کان 86 ملي ميٽر بارش پئجي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گجر نالي، لياقت آباد ۽ سولجر بازار وارا نالا اوور فلو ڪري ويا. جنهن تي چيئرمين اين ڊي ايم اي چيو ته نالن ۾ گند آهي انهن جي صفائي ڪري مٽي وغيره ڪڍي سگهجي ٿي. وڏي وزيرگرين لائين جي آس پاس وارن ڪافي علائقن جي نشاندهي ڪندي چيو ته انهن ۾ پاڻي رڪجي ٿو ڇو ته گرين لائن جي ذزائن ۾ فالٽ آهي. گلستان جوهر، گلشن ظفر، پي سي ايڇ ايس ۽ زمان ٽائون ۾ حددخلين جو مسئلو آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز شاهه نالن تان حددخليون جي خاتمي کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته حددخليون هٽائڻ کانپوءِ ئي نالن جي صفائي بهتر ٿي سگهندي، ڪور ڪمانڊر ڪراچي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته نيڪال جي نظام کي جديد گهرجن موجب بڻائڻو پوندو، اُن لاءِ ايف ڊبليو او به سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري سگهي ٿي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان اين ڊي ايم اي ۽ ايف ڊبليو او کي ڪراچي جا نالا صاف ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي هئي ۽ فوج کي سول انتظاميه جي صوبي ۾ مدد لاءِ چيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو