ڪراچي جو مشهور واپاري سراج قاسم تيلي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مشهور واپاري سراج قاسم تيلي دبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سراج قاسم تيلي نمونيا سبب دبئي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي کيس دل جو دورو پيو.هو گذريل ٻن  ڏينهن کان وينٽي ليٽر تي هو. سراج قاسم تيلي 17 مئي 1953ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. هن 1974ع ۾ گورنمنٽ ڪاليج آف ڪامرس اينڊ  اڪنامڪس مان گريجوئيشن ڪيو. سراج قاسم تيلي ڪراچي چيمبر جو صدر به رهي چڪو هو. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل مشهور واپاري سراج قاسم تيلي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو اهي ته رب پاڪ مرحوم جي وارثن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. مرحوم ڪراچي جي واپاري برادري جو اهم ميمبر هو. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مرحوم جي خاندان ۽ واپاري برادري سان ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم سراج قاسم تيلي هڪ سٺو انسان ۽ بهترين دوست هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو