ڪتي جي چڪ جي ويڪسين ڪيس ۾ چيف سيڪريٽري طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾  ڊويزن بئنچ ڪتن جي چڪ جي اثرن کان بچاءُ واري ويڪسين جي فراهمي توڙي ڪتن جي چڪيلن لاءِ شيلٽر هوم منصوبي بابت ڪيس ۾ چيف سيڪريٽري کي ذاتي  طور  طلب ڪري ورتو آهي. عدالت لاڙڪاڻي واسي معصوم ٻارڙي حسنين ٻگهيو جي علاج ۽ فوت ٿيڻ واري واقعي بابت صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي جوڙي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ انڪوائري ڪميٽي کي چيو ته هو معصوم حسنين ٻگهيو جي علاج توڙي موت واري واقعي بابت تفصيلي انڪوائري ڪري رپورٽ ۾ ٻڌائي ته هو ڪنهن جي غفلت سبب فوت ٿيو. عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته مڪاني ادارن واري کاتي سميت صحت کاتي، رٿابندي کاتي ۽ ٽاسڪ فورس جا سيڪريٽري ۽ ٻيا آفيسرز پيش ٿيا جڏهن ته ڪراچي ۾ ٻارن جي اسپتال (اين آءِ سي ايڇ) جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جمال رضا ۽ اين جي اوز جي نمائندن سميت انڊس اسپتال جو ڪنسلٽنٽ پڻ عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي اين آءِ سي ايڇ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جمال رضا عدالت کي ٻڌايو ته ٻارڙي حسنين کي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي کان ڪراچي آندو ويو جنهن ڪري کيس فوري طور وينٽي ليٽر تي رکيو ويو. هن چيو ته حسنين ٻگهيو  27 ڏينهن اين آءِ سي ايڇ ۾ داخل هو جتي کيس علاج جون مڪمل سهولتون مهيا ڪيون ويون پر  سندس حياتي نه بچي سگهي. ان موقعي تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ايم ايس عدالت کي ٻڌايو ته چانڊڪا ۾ حسنين ٻگهيو کي ڇهن ڪلاڪن تائين داخل رکيو جنهن کان پوءِ کيس ڪراچي موڪليو ويو جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال  ۾ حسنين کي صحيح  علاج نه مليو. عدالت صحت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کان پڇيو ته لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙي حسنين ٻگهيو جو  صحيح علاج نه ڪندڙن خلاف توهان ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟. عدالت چيو ته اوهان پنهنجي رپورٽ ۾ اسپتال جي نااهلي ته لکي آهي پر ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي آهي؟. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ان معاملي جي جاچ ڪير ڪندو؟. ان موقعي تي انڊس اسپتال جي ڪنسلٽنٽ عدالت کي ٻڌايو ته اسان گذريل هڪ سال کان ڪتن کي خصي ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي آهي. ان مهم جي شروعات ابراهيم حيدري مان ٿي جيڪا مڪمل ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڪورنگي ۾ 50 سيڪڙو مهم مڪمل آهي ۽ ڊفينس ۾ هلي رهي آهي. هن ٻڌايو ته جن ڪتن جي سرجري مڪمل ڪئي ويندي آهي انهن کي نشان لڳايو ويندو آهي.  ان موقعي تي عدالت  مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن اوهان کي ڪا خبر ئي ناهي ته پوءِ اخبارن ۾ پوري صفحي جا اشتهار ڪيئن اچي رهيا آهن؟، هي اوهان جي وس جي ڳالهه ناهي. اوهان جي وڏي آفيسر کي گهرائينداسين. عدالت پڇيو ته ٽاسڪ فورس جو چيئرمين ڪٿي آهي؟ جنهن تي ٽاسڪ فورس جي ميمبر عدالت کي ٻڌايو ته ڊي ايم سي هڪ خاص قسم جو زهر گهرائي رهي آهي جيڪو بلڪل بيڪار آهي.  جيڪو زهر وڌو پيو وڃي ان سان 50 بدران رڳو 4 ڪتا مرن ٿا. رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي پاران ڪتن جي خاتمي بابت پي سي ون تي اعتراض ڪيا ويا جنهن تي عدالت  انهن کان  پڇيو ته ڪهڙا اعتراض آهن؟ جنهن تي عملدارن ٻڌايو ته لائيو اسٽاڪ جي راءِ شامل ناهي. هن چيو ته پي سي ون جو فارميٽ درست هو جنهن تي عدالت چيو ته ڇا پهريون ڀيرو پي سي ون ٺاهي وئي هئي؟. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اهي رڳو  وقت ضايع ڪرڻ جون ڳالهيون آهن جڏهن پي سي ون ٺهي رهي هئي ته اوهان لائيو اسٽاڪ کاتي جي راءِ ڇو نه ورتي ۽ لائيو اسٽاڪ جو ڪتن سان ڪهڙو تعلق آهي؟. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 64 وٽرنري اسپتالون لائيو اسٽاڪ جي ماتحت آهن. ٽاسڪ فورس جي چيئرمين ۽ بلديات کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسپيشل سيڪريٽري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري کيس  ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي. ان موقعي تي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عدالت کان معافي طلب ڪئي ته عدالت کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته وچ ۾ نه ڳالهايو،  نه ته اوهان کي به نوٽيس جاري ڪنداسين. ان موقعي تي عدالتي حڪم باوجود هيلپ لائن بابت اشتهار جاري نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مڪاني  ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري 19 فيبروري تي وضاحت طلب ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو