ڪترينا ڪيف به ارطغرل غازي جي مداح ٿي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار ڪترينا ڪيف چيو آهي ته ارطغرل غازي سندس پسنديده ڊرامو آهي جنهن جون هو 85 قسطون ڏسي چڪي آهي. قطرينا جيڪا فلم ٽائيگر 3 جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ سلمان خان سان گڏ ترڪي ۾ آهي. هن سلمان سان گڏ ترڪي جي ثقافت ۽ سياحت جي وزير مهمت نوري سان ملاقات ڪئي ۽ ان پوسٽ انسٽاگرام تي شيئر به ڪئي.

https://www.instagram.com/p/CTZOZRCKWa7/?utm_source=ig_embed&ig_rid=a0a8fd4e-50e3-45af-b2c9-22481cdb68dc

ياد رهي ته ارطغرل غازي ڊرامي کي گنيز بڪ آف ويلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هن وقت تائين هي ڊرامو دنيا جي 39 زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو