ڪاڇي ۾ ٻيهر برسات، نئي گاج ۾ پاڻي جو وهڪرو تيز

دادو/ ڊرگهه بالا (نمائندن وٽان) کيرٿر جي جابلو پٽي تي ٻن ڏينهن جي وقفي بعد تيز برسات شروع ٿي وئي آهي. جنهن بعد نئين گاج ۾ پاڻي جو وهڪرو ٻيهر وڌي ويو آهي. نئين گاج 8  فُٽ کان مٿي وهي رهي آهي. ڪاڇي ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي 5 ڏينهن گذرڻ باوجود سوين ڳوٺاڻا اڃا ڦاٿل آهن. ساوڙو، ڳوٺ شفيع محمد لُنڊ، شير محمد ٽالپر، رانجهو ٻٻر، يار محمد لنڊ، فتح بروهي، بهاول ٻٻر ۽ ٻين ڳوٺن جا رهواسي بي يارو مددگار ويٺا آهن. پاڪ فوج، نيوي، ضلعي انتظاميا توڙي سماجي تنظيمن طرفان ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ته هلي پيو پر ڪيترن علائقن ۾ رستا نه هجن سبب امداد نه پهچي سگهي آهي. ٻئي پاسي پاڻي جي سطح ۾ لاٿ بعد ڪڪڙ گاج روڊ بحال ٿي ويو آهي، حاجي خان، واهي پانڌي، ٽنڊو رحيم ۽ ڇني جا جوهي شهر سان ڪٽيل زميني رابطو اڃا بحال نه ٿيوآهي. انتظاميا 5 ڏينهن گذرڻ باوجود ايف پي بند کي لڳل گهارا بند ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو