جوهي )رپورٽ منصور گاڏهي) ڪاڇي سميت کيرٿر جبل ۾ هڪ دفعو ٻيهر برساتن جو سلسلو جاري, آر ڊي پنجاھ وٽ ايف پي بند کي لڳل گهارو ست ڏينهن گذرڻ باوجود آبپاشي انتظاميا بند نه ڪري سگهي نئين گاج جو وهڪرو اچڻ سان يوسي ساوڙو ۽ ڪمال خان جا مختلف ڳوٺن کي ٻيهر ٻڏڻ جو خدشو متاثر ڳوٺاڻن پاران آبپاشي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو ويو. ڳوٺ مولوي نور محمد رودناڻي, عثمان چانڊيو جي رهواسين خدابخش چانڊيو, علي خان چانڊيو, عبدالشڪور, برڪت علي ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو آهي ته آبپاشي انتظاميا ايف پي بند کي هٿ سان ڪٽ ڏئي اسان کي ٻوڙيو ويو.
گذريل سال به اسان کي آبپاشي انتظاميا جي نااهلي سبب ٻوڙيو ويو آهي انهي جو ازالو ئي نه ٿيو ته هڪ دفعو ٻيهر اسين متاثر ٿي ويا آهيون ست ڏينهن گذرڻ باوجود ڪير به لڙي نه آيو مالي مدد ته پري جي ڳالھ رستو به بحال نه ٿي سگهيو ايمرجنسي ۾ بيمار ماڻهن کي اسپتال پهچائڻ ۾ ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ضلع انتظاميا ۽ چونڊيل نمائيندن به واهر نه ڪئي هنن وڌيڪ چيو ته ايف پي بند کي آر ڊي پنجاھ وٽ لڳل گهاري کي ست ڏينهن گذرڻ باوجود آبپاشي انتظاميا گهاري کي بند نه ڪرائي سگهيو ڪچي مٽي سان بند ٻڌي پٿرن سان پيچنگ به نه ڪرائي سگهي ٻي طرف موسميات کاتي پاران هڪ دفعو ٻيهر برساتن جو امڪان ٻڌايو ويو ٻيهر گاج ندي پاڻي اچڻ سان ٻڏڻ جو خدشو آهي آبپاشي انتظاميا پاران ايف پي بند تي لڳل ايمرجنسي ڪيمپ تان عملو به ڊيوٽين تان غائب آهن آبپاشي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي آفيسر ڪوڙن ڪاغذي بل ٺاھڻ ۾ مصروف آهن متاثر ڳوٺاڻن چيف جسٽس پاڪستان, نيب, ڊي جي ايف آء سميت اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته آبپاشي انتظاميا خلاف انڪوائري ٽيم جوڙي سندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري آر ڊي پنجاھ وٽ ايف پي بند کي لڳل گهاري کي جلد بند ڪري اسان کي ٻيھر ٻڏڻ کان بچايو وڃي