ڪاش بلاول کي رخسانه جا به ڳوڙها نظر اچن ها،اقرا ڦلپوٽو

سنڌ جي ڌرتي تي سنڌ جي نياڻين ۽ ٻارڙن سان  ٿيندڙ زيادين جا واقعا روزانو اخبارن ۾ پڙهڻ لاء ملن ٿا پر9 جولاء جي واقعي ته  لڱن مان سيسراٽيون ڪڍي ڇڏيون. حيدرآباد شهر جي او آر ڪالوني جي بابن شاھ پاڙي مان برف وٺڻ لاءِ ويل 12 سالن جي قادر بخش سيال ۽ سندس 8 سالن جي ڀيڻ رخسانه کنڀجي ويا. ٻارنهن سالن جي قادر بخش حيوان صفت دردندن سان مزاحمت ڪئي پر ظالمن کيس ڇرين جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. جيڪو اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت (شھيد) ٿي ويو. فوت ٿيڻ کان اڳ ۾ هن پوري واردات پوليس عملدارن ۽ گهر ڀاتين کي بيان ڪري ٻڌائي. سندس  فوت ٿيڻ بعد پوليس ڪو به ايڪشن نه ورتو. بلڪه هميشه جيان تماشائي بڻيل رهي. ٻن SHO پاران حد نه هجڻ جو جواز ٻڌائي قادر جي قتل ۽ رخسانه جي بازيابي لاء ڪو به قدم نه کنيو. حيوان صفت انسانن پنهنجي جنسي بک مٽائڻ خاطر 2 معصومن گلن جهڙن ٻارڙن جي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ۽ ڏک جي ڳالھ اها آهي جو سنڌ صوبي جي وزيراعلي سيد مراد علي شاھ , پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  ۽ سڀ سياسي جماعتون خاموش رهيون. ڪنهن به نوٽيس نه ورتو. اهڙي صورتحال ڏسي جيءُ جهري پيو ۽ هڪدم ذهن ۾ اهو سوال اڀريو ته ڇا اسين مهذب قوم آهيون؟ ڇا اسين انسان سڏرائڻ جي لائق آهيون؟ ڇا سنڌ جي هاڻي سڃاڻپ جنسي درندن واري بچي آهي؟ بلاول ڀٽو کي سکر IBA ۾ افتتاح ڪرڻ لاء ٽائيم ۽ سڪيورٽي هئي پر معصوم  قادر ۽ رخسانه جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ جو وقت نه هو. بلاول ڀٽو نوابشاھ ۾ بينظير ڀٽو جي سالگرھ واري جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته نيازي صاحب  اسان توهان کان هر ڳالھ جو حساب وٺنداسين ايتري قدر جو آصف علي زرداري جي گرفتاري جي وقت آصفه ڀٽو جي اکين مان ڪريل هر هڪ ڳوڙهي جو حساب وٺنداسين. بلاول ڀٽو کي آصفه جا ڳوڙھا ته نظر آيا پر کيس ايوان تائين پهچائيندڙ قادر بخش ۽ رخسانه جون دانهون ۽ آهون ياد نه آيون؟ سندن وارث رت جا ڳوڙھا روئن ٿا اهي به کيس نظر نه آيا. پنجاپ صوبي جي شھر رحيم يار خان ۾ پيش آيل ٽرين واقعي تي بلاول ڀٽو جلدي مذمت ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد کان استيفعيٰ جو مطالبو ڪيو. هن مذمت  انڪري ڪئي جو اهو حادثو سنڌ صوبي جو نه پر پنجاب جو هو. ڇو ته انهي ۾ سندس سياسي فائدو پڻ ھيو پر معصوم قادر بخش ۽ رخسانه سان نا انصافي ڪندڙ سندس حڪومت جا هلڪار ياد نه آيا. بلاول ڀٽو صاحب پهريان انصاف ڪريو ۽ پوء انصاف جي اميد ڪريو. توهان  آصفه جي ڳوڙھن جي حساب جي ڳالھ ٿا ڪريو پر مان توهان کان سنڌ صوبي اندر روزانو  رت جا ڳوڙها ڳاڙيندڙ رخسانه سميت سوين نياڻين جي ڳوڙھن جو حساب ٿي گهران. منهنجي سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن ۽ سرڪاري عهدن ۽ اقتدار جي ڌڻين کي اپيل ٿي ڪريان ته هو پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن سنڌ جي سڃاڻپ تي ٿيندڙ وار جو نوٽيس وٺن هي درندن نه پر امن پسندن جي ڌرتي آهي. ياد رکو اوهان جون پنهنجيون به نياڻيون هونديون اڄ ٻئي ڪنهن سان ظلم ٿيو آهي سڀاڻي اوهان جو واوروبه اچي سگهي ٿو. سنڌيو سجاڳ ٿيو سنڌ جي نياڻين جي ڍال بڻجو.( اقرا ڦلپوٽو پير جو ڳوٺ، خيرپور)

پهنجو تبصرو موڪليو