عادلپور)ن س) صالح مهر ڀرسان حاجي غلام رسول جي ڪوپ تي ڪارنهن الزام هيٺ وحشي مڙس ثناءُالله ماڇي پنهنجي ٻن ٻارن جي ماء 30 سالا رشيدان کي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪري لاش گھرن ويجھو زمين ۾ لڳل ٽيوب ويل وٽ پوري ڇڏيو. مقتول ناري جي ڀيڻ فريدان ۽ ڀاءُ هزارو جي اطلاع ڏيڻ تي عادلپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ڪڍائي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو آهي. عادلپور ٿاڻي جي وڏي منشي دين محمد ملڪ سنڌيار کي ٻڌايو تہ پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد جاچ اڳتي وڌائينداسين. هن ٻڌايو ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته مقتولا جا وارث بڊاڻي جا رهائشي آهن. وارثن جي دعويٰ آهي ته سندن ڀيڻ کي سندس مڙس ناحق ڪارنهن جو الزام هڻي ڳلو ڪپي ڪهين ڪري لاش پوري ڇڏيو هو. وارثن جو چوڻ آهي ته قاتل جي ڀاءُ ڀورل گذريل رات کين فون ڪري ٻڌايو تہ اوهان جي ڀيڻ کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪري سندس لاش زمين ۾ لڳل ٽيوب ويل جي کڏي ۾ پوريو ويو آهي. مقتوله ٻن پٽن جو اولاد آهي، جن جا نالا اعجاز ۽ امتياز ٻڌايا پيا وڃن. هڪ جي عمر پنج سال ۽ ٻي جي عمر ٽي سال آھي. قاتل ڇھ مهينا اڳ هتي هارپو ڪرڻ آيو هو، اصل بڊاڻي جا رھواسي آھن.
بائيڊن جو شهباز کي خط،نيڪ خواهشن جو اظهار
ٻن مٿن ۽ هڪ جسم وارين ڇوڪرين جي شادي ٿي وئي
ڪڪڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل
اين اي 207 تان آصفه ڀٽو بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
پي ايس 80 تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم