ڪارنهن تڪرار تان بُلا برادري ۾ جهيڙو 6 زخمي

سوسائٽي(ن س)ڳوٺ عطر بلو ۾ بلا برداري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان  جهيڙو 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا  ڪارنهن جي الزام هيٺ آيل ڌر جي گھر  مٿان مخالف ڌر جي ماڻھن پاران مبينا ڪاھ لٺين  ڪھاڙين جا وار نتيجي ۾  الزام  هيٺ آيل ڌر جا 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا  زخمين ۾ اظهر علي بلو  هاشم علي بلو منان بلو ۽ ٻيا شامل  زخمين کي وارث جان محمدسوسائٽي اسپتال کڻائي آيا جتان ابتدائي طبي امداد ڏئي زخمين کي عادلپور ٿاڻي تان ليٽر ملڻ بعد گهوٽڪي جي سول اسپتال داخل ڪيو ويو جڏھن ته ان موقعي تي زخمين ٻڌايو ته اسان جو پنھنجي ئي برادري جي ماڻھن سان پراڻو ڪارنھن تڪرار ھلندڙ آھي جن اچي اسان مٿان اوچتو حملو ڪري ڏنو جنھن جي نتيجي ۾ اسان جا ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن جڏھن مخالف ڌر اسان جا ڍور ڪاھي وئي آهي. واقعي بعد ڌرين ۾ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي ۽ علائقي ۾ خوف ھراس پکڙجي ويو آھي ۽ ٻنهي ڌرين جا ماڻهون مورچابند بڻجي ويا ۽ ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو به جاري رهيو .

پهنجو تبصرو موڪليو