ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال مرڻينگ، پٽ زخمي

خيرپور (محمد علي جانوري ) ڳوٺ ٻٽو چانڊيو جي رهواسڻ 2 ٻارن جي ماءُ مسمات روزينا کي سندس مڙس پرويز چانڊيو، ڪريم بخش چانڊيو ۽ ٻين  خنجرن ( چاڪو) جا وار ڪري مرڻينگ ڪري  ڇڏيو ۽ سندس 2 سالا پٽ توفيق کي زخمي ڪري  فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ زخمي ٿيل عورت روزينا جي پيءُ ۽ ماءُ محرم علي، راڻي چانڊيو سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪجهه مهينا اڳ پرويز چانڊيو وڏيري نبي بخش چانڊيو جي چرچ تي زال تي ڪوڙو ڪارنهن الزام هڻي الزام هيٺ آيل ڌر کان لکين روپيا ڏنڊ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ڏنڊ نه ڏيڻ تي پرويز زال کي گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏئي ۽ هڪ پٽ 4 سالا فراز پڻ کسي ورتو هو جنهن جي فرياد اسان ٽنڊومستي پوليس ،ڪورٽ ۽ ميڊيا ۾ پڻ ڪئي سون پر غريب هجڻ ڪري ڪو به تدارڪ نه ٿيو. محرم چانڊيو ٻڌايو ته  ضروري ڪم سانگي مان گهر کان ٻاهر ويل هيس ته اوچتو پرويز چانڊيو هٿياربندن جي مدد سان گهر تي حملو ڪري منهجي ڌيءُ مسمات روزينا کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ سندس ٻن سالان جو معصوم پٽ توفيق پڻ زخمي ٿي پيو. روزينا جي دانهن ڪرڻ تي پاڙي واري نڪري آيا ۽ جوابدار پرويز ساٿين سميت فرار ٿي ويو جنهن بعد اسان ٽنڊومستي پوليس وٽ فرياد کڻي وياسين پر پوليس وڏيري نبي بخش چانڊيو ۽ جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻيل آهي جنهن ڪري نه ئي واقعي جي ايف آءِ آر ڪٽي وئي آهي ۽ نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته  ڊاڪٽرن پاران نياڻي روزينا جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، صوبائي وزير صحت کان مطالبو ڪيو ته نياڻي جي علاج ۾ مدد ڪري سندس زندگي بچائي وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو