ڪابل ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي آڻڻ لاءِ اڄ 3 اڏامون هلنديون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)افغانستان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي وطن آڻڻ لاءِ پي آءِ اي اڄ 3 اڏامون هلائيندي. ڪابل ۾ ايئرلائين جي آفيس کليل آهي ۽ سفارتخانو پاڪستانين جي مڪمل رهنمائي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان جو سفير اسلام آباد ۾ آهي جيڪو اولس جرڳي جي اڳواڻن سان ملاقات ۾ مصروف آهي. اولس جرڳي ۾ شامل احمد شاهه مسعود جا ٻه ڀائر ۽ هزاره برادري جا اڳواڻ به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو