ڪابل مان 900سفارتڪارن کي ريسڪيو ڪيو آهي، شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  وفاقي گھرو وزير شيد رشيد چيو آھي تھ پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ جِي ڪوشش ناڪام ٿي، افغانستان ۾ امن جو قيام ڪابل جيان پاڪستان لاءِ به اهم آهي، پاڪستان جي ڪوششن سان طالبان ڳالهين لاءِ راضي ٿيا، عمران خان ازبڪستان ۾ اشرف غني کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اُن جي ذهن ۾ فتور هو. شيخ رڊيد چيو ته ڪرپٽ ماڻهو لُٽيل دولت کڻي ملڪ مان ڀڄي ويندو آهي ۽ اهوئي اشرف غني ڪيو. هن چيو ته د پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ افغانستان مان ڪوبه پناهگير پاڪستان نه پيو اچي، پاڪستان جون سرحدون 100 سيڪڙو محفوظ آهن، افغانستان ۾ نه مداخلت ڪنداسين نه پنهنجي سر زمين استعمال ٿيڻ ڏينداسين، هن ٻڌايو ته 900 جي ويجهو پرڏيهي سفارتڪارن کي ريسڪيو ڪري پاڪستان آندو آهي، سمورن ڊپلوميٽس، ميڊيا ۽ ٻين ادارن جي عملي کي ٽرانزٽ ويزا جاري ڪبا، 2 ڏينهن اندر سمورن پاڪستاني شهرين کي ڪابل مان ڏيهه واپس آڻينداسين

پهنجو تبصرو موڪليو