82 هزار کان مٿي افغاني پرڏيهه روانا، ڊالر کڻي وڃڻ تي بندش

ڪابل(ويب ڊيسڪ) طالبان ڪابل هوائي اڏي جي ٻاهران چيڪ پوسٽن تان ئي افغان شهرين کي واپس موڪلڻ شروع ڪيو آهي ۽ کين هوائي اڏي ڏانهن اچڻ نه پيو ڏنو وڃي. بي بي سي جي هڪ رپورٽ موجب 82 هزار 300 ماڻهو ڪابل کان ٻاهر روانا ٿي چڪا آهن ۽ هر ڪلاڪ ۾ هڪ اڏام رواني ٿي رهي آهي. پينٽاگون ۾ ميجر جنرل هينڪ ٽيلر پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته 10 هزار ماڻهو ايئرپورٽ تي موجود آهن. هوائي اڏي جي ٻاهران طالبان پرڏيهه ويندڙن کي مارين ٿا. طالبان جي ڌمڪي بعد امريڪي صدر جو بائيڊن برطانيا جي دباءَ باوجود غيرملڪي فورسز جي نيڪال جي تاريخ 31 آگسٽ کان وڌائڻ کان انڪار ڪيو آهي. ڏکڻ ڪوريا جي سفارتي مشن لاءِ ڪم ڪندڙ 380 افغانين کي هو سيول ۾ آباد ڪرڻ لاءِ وٺي وڃي رهيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري ۽ مختلف عالمي امدادي ادارن افغانستان نه ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. اشرف غني حڪومت پاران گڏيل قومن ۾ مقرر ڪيل سفير عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو تڪڙ ۾ طالبان کي تسليم نه ڪن، ڏسو ته عورتن سميت مختلف معاملن بابت هو جيڪو چون ٿا ان تي عمل ڪيترو ڪ ٿا ۽ مرحليوار کين سهولت ڏني وڃي. طالبان ملڪ مان ڊالر ٻاهر کڻي وڃڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو