ڪابل مان مهمان ٿا اچن، بڪنگ رد ڪري ڪمرا خالي ڪريو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ضلعي انتظاميا وفاقي گادي واري شهر جي نجي هوٽلن کي حڪم ڏنو آهي ته لوڪل بڪنگ رد ڪريو، هوٽل خالي رکو. پاڙيسري ملڪ جي صورتحال سبب مهمانن کي وڏي پيماني تي عارضي طور اسلام آباد آڻي سگهجي ٿو ان ڪري هوٽل جا ڪمرا خالي رکو. اسلام آباد جي ايڊيشنل ڪمشنر جي صحيح سان خط جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو