ڪابل حملي جي ذميواري قبول ڪندڙ تنظيم داعش خراسان ڪير آهي؟

ليکڪ  فرينڪ گارڊنر

دولتِ اسلاميه خراسان جومرڪز  افغانستان جو اوڀر واور صوبو نگرھار آھي.دولتِ اسلاميه خراسان اصل ۾ دولتِ اسلاميه نالي تنظيم جي ھڪ علائقائي شاخ  آهي جيڪا افغانستان ۽ پاڪستان ۾ متحرڪ نظر اچي ٿي. ھي تنظيم افغانستان ۾ موجود جھادي تنظيمن ۾ سڀ کان وڌيڪ انتھاپسند تنظيم طور سڃاتي وڃي ٿي. ھي تنظيم سن 2015 ۾ دولتِ اسلاميه عراق ۽ شام ۾ عروج واري زماني دوران وجود ۾ آئي هئي. ھي تنظيم پاڪستان ۽ افغانستان ۾ جھادي ماڻھن کي پاڻ سان گڏ کڻي ٿي، خاص طور تي افغان طالبان جا انھن فردن کي جيڪي افغان طالبان کي به گهٽ انتھاپسند سمجهن ٿا.

ھي تنظيم ڪيتري حد تائين انتھاپسند آھي؟

دولتِ اسلاميه خراسان تي گذريل ڪجھ سالن جي دوران ڪريل حد تائين ڪارواين جا الزام لڳايا وڃن ٿا. جن ۾ ڇوڪرين جي اسڪول تي،اسپتالن تي ۽ ڄم گهرن تي حملا به شامل آھن، جن ۾ حمل وارين عورتن ۽ نرسن کي به نشانو بڻايو ويو. طالبان جي اُبتڙ جن جي ترجيح صرف افغانستان ۾ آھي، دولتِ اسلاميه خراسان تنظيم نام نھاد دولتِ اسلاميه جو حصو آھي جيڪا پوري دنيا ۾ اولهه، بين الاقوامي ۽ انساني فلاح وارن ملڪيتن کي نشانو بڻاڻي ٿي.

ڇا ان تنظيم جو طالبان سان ڪو تعلق آھي؟

ھڪ حوالي سان ان تنظيم جو تعلق طالبان سان آھي پرٽئين تنظيم حقاني نيٽ ورڪ جي ذريعي. ماھرن جي مطابق دولت اسلاميه خراسان جا حقاني نيٽ ورڪ سان رابطا آھن ۽ وري حقاني نيٽ ورڪ جا طالبان سان مسلسل ڳانڍاپا ۽ رابطا آھن. ڪابل جي موجودہ سڪيورٽي سنڀاليندڙ خليل حقاني جي سر جي قيمت 50 لک ڊالر آھي. ايشيا پيسيفڪ فائونڊيشن جي ڊاڪٽر سجن گوھل افغانستان ۾ ڪيترن ئي سالن کان عسڪريت پسندن جي نيٽ ورڪ تي تحقيق ڪري رھيو آھي.

Screen shot

ھن جو چوڻ آھي ته سن 2019 کان وٺي سن 2021 جي عرصي دوران ٿيندڙ ڪجھ وڏا حملا حقاني نيٽ ورڪ، دولت اسلاميه خراسان ۽ پاڪستان ۾ موجود دھشت گرد تنظيمن جي ملي ڀڳت سان ٿيا. طالبان طرفان15 آگسٽ کان ڪابل تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کان پوءِ چرخي پل جيل مان وڏي انگ ۾ قيدي رھا ڪيا جن ۾ اطلاع مطابق دولت اسلاميه ۽ طالبان جا ماڻھون به شامل ھيا.  ٻڌايو وڃي ٿو تہ دولت اسلاميہ جا طالبان سان سخت اختلاف رھيا  آھن، ھو طالبان تي قطر ۾آرامدہ ھوٽلن ۾ ويھي امن معاھدہ ڪرڻ، ميدانِ جنگ ۽ جھاد ڇڏڻ جا الزام لڳائن ٿا.دولت اسلاميہ جا جنگجو طالبان جي ايندڙ حڪومت لاءِ ھڪ وڏو سڪيورٽي چلينج آھن. ھي واحد ڳالھ آھي جيڪا طالبان ۽ اولھ جي خفيہ ادارن لاءِ گڏيل مسئلو آھي. (هي مضمون بي بي سي اردو تي شايع ٿيو ۽ جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو)

پهنجو تبصرو موڪليو